ڊکڻ ۾ جهيڙو، سردار اظهر ڪماريو پٽ ۽ دڪاندار زخمي

ڊکڻ( ن ع آ ) ڊکڻ ۾سردار اظهر ڪماريو جي پٽ وقار ڪماريو ۽ ٿهيم برادري جي دڪاندار  غلام شبير ٿهيم وچ ۾  معمولي ڳالھ تان منهن اري ٿي پئي ۽ ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو،جنهن جي نتيجي ۾  سردار اظهر خان  ڪماريو جو پٽ  وقار ڪماريو ۽ زُهيرعباس ڪماريو معمول  زخمي ٿي پيا،جهيڙي بعد وقار ڪماريو ۽ زُهير ڪماريو پنهنجي ڳوٺ ترائي روانا ٿي ويا،جڏهن ته جهيڙي بعد ڊکڻ پوليس جي ٿهيم برادري جي ٽن ڄڻن غلام شبير ٿهيم،مشتاق ٿهيم ۽ پپن ٿهيم کي گرفتار ڪري ورتو آهي، هوڏانهن اهڙو اطلاع ملندي ئي ڪماريا سردار جي حمايتي وڏي تعداد ۾ ڊکڻ شهر ۾ پهتا، ، جڏهن ته شهر جي بس اسٽينڊ واري علائقي ۾ مبينا هوائي فائرنگ ڪري ڏني،جنهن سبب شهر ۾ خوف ۽ حراس ڇائنجي ويو،جڏهن ته ڊکڻ پوليس صورتحال تي ضابطي لاءِ ايس ايڃ او ڊکڻ وڌيڪ نفري طلب ڪري بس اسٽينڊ واري علائقي ۾ مقرر ڪري ڇڏي، جڏهن ته ٻنهي ڌرين پاران هڪٻئي تي اڳرائين جا الزام هنيا ويا آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.