ميان صاحب لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،12 ڄڻا رتو رت

سلطان ڪوٽ /ميان صاحب ( نمائندن وٽان ) ميان صاحب ڀرسان ھمايون ۾ وڪڙو همايون لنڪ روڊ تي سڌايا ۽ سيانچ برادري جي ٻن ڌرين ۾  ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب سيانچ برادري جا محمد اسلام سيانچ ، عبدالستار ، عبدالغفار ، خان محمد ،  عبدالله ٖ عبدالرحمان  شمن سيانچ ۽ سڌايا ڌر جا غلام مرتضي ۽ صابر علي سڌايو زخمي ٿي پيا جن کي  همايون پوليس علاج لاء ليٽر ڏئي شڪارپور سول اسپتال منتقل ڪيو رابطو ڪرڻ تي  همايون پوليس ٻڌايو تہ ڌريون ٻارن جي ڳالهہ تي وڙهيون آهن.  ٻنھي ڌرين جو ھڪ ھڪ ماڻھون گرفتار ڪيو آھي هوڏانهن سيانچ برادري جي زخمين جو چوڻ آهي تہ پلاٽ جي مامري تان مخالفن حملو ڪري اسان کي زخمي ڪيو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.