اوڏيري لال ۾مهانگائي وڌي وئي، پورهيت طبقو پريشان

اوڏيرولال(ن ع آ) اوڏيرولال اسٽيشن شهر  ۾ مهانگائي عروج ٿي پهچي وئي، اٽو سستو نه ٿيو، چڪي مالڪن جي هڪ هٽي قائم،  اٽو 75 رپيا ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳو، غريب  عوام هڪ ويلي ماني لاءِ پريشان ٿي ويو آهي، جڏهن ته شهر  ۾ کنڊ 120 رپيا،  دال،  چانور، مرغي سميت ڀاڄيون به عوام جي پهچ کان پري ٿي ويون آهن، ٽماٽا 200، توري 80، مهيا 120، ڀينڊيون 160، گجر  170، بصر ، صوف، انگور ۽ ڪيلا به  آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن، پر ضلعي انتظاميه جاري ڪيل ريٽ لسٽ تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. هتان جي غريب ۽ پورهيت طبقي ڊي سي مٽياري کان مطالبو ڪيو آهي ته اوڏيرولال اسٽيشن شهر ۾ هٿرادو مهانگائي ڪندڙ دوڪاندارن ۽ چڪي مالڪن خلاف ڪارروائي ڪري ريٽ لسٽن تي عمل ڪرايو وڃي.

سڪرنڊ ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 8 ڄڻا زخمي

سڪرنڊ ( ن ع آ )  سڪرنڊ شهر ڀرسان سيڊ ڪارپوريشن وٽ رهندڙ کوسا ۽ عباسي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٽريڪٽر ريوس دوران گهر کي نقصان پهچائڻ تي جهيڙو ٿي پيو لٺيون ڪهاڙيون ۽ لوهي شيخون لڳڻ  ڪري 8ماڻهو هر هڪ  دائم عباسي, الياس عباسي, فقير محمد ,مسمات /ڏسو صفحو 2 ڪالم 6غلام فاطمه, معصوم نيگري نورجهان جڏهن ته ٻي ڌر جا مير حسن کوسو, جعفر ,مسمات سبحان خاتون سخت زخمي ٿي پيا, زخمين کي تعلقي اسپتال سڪرنڊ داخل ڪيو ويو آھي جڏهن ته سڪرنڊ پوليس ٻنهين ڌرين جي رپورٽ داخل ڪري ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي جڏهن ته ٻنهين ڌرين ۾ تاءَ سبب ٻيهر جهيڙي ٿيڻ جو انديشو آھي.

 سنڌ حڪومت  اسيمبليءَ جي ٺهراءَ  وسيلي آرڊيننس کي رد ڪري: سليمان شيخ

گلشن اقبال ( رپورٽر )  ڪراچي شاخ جي ڪاروباري ڪميٽيءَ  جي گڏجاڻي شاخ جي صدر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي صدارت ۾ٿي، جنهن ۾ سگا جي بانيءَ ڊاڪٽر محمد  سليمان شيخ، ولي محمد روشن، اشرف علي کهاوڙ،قادر بخش سانگيءَ ۽ منٺار ميراڻيءَ شرڪت ڪئي. ڪارروائي جنرل سيڪريٽري غلام اڪبر ملڪ هلائي.گڏجاڻيءَ ۾ ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن جي مسئلي تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ وفاقي حڪومت جي آيل صدارتي آرڊيننس کي نامنظور ڪندي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته اها سنڌ اسيمبليءَ جي ٺهراءُ وسيلي آرڊيننس کي رد ڪري. گڏجاڻيءَ ۾ مختلف پروگرامن ڪرائڻ جي منظوري به ڏني وئي.ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي کي هڪ سال ۾ سگا جي ٽن  تحقيقي ڪتابن لکڻ تي جس ڏنو ويو1. سگا ڪراچي شاخ جي مختصر تاريخ 2. سنڌي مادري ٻولي 3. اسان جو ڀٽائي.ان موقعي تي اي بي صدا لاشاري، ذوالفقار انڍڙ ۽ سيد وقار علي شاهه جي لائيف ميمبر شپ ۽ لڇمڻ لال جي عام رڪنيت منظور ڪئي وئي۽ ڊاڪٽر اڪبر علي چانڊيي کي ڪاروباري ڪميٽيءَ جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. سگا جي ساٿين عبدالحڪيم ميمڻ، لياقت راڄپر ۽ حميده ستار ڀٽيءَ  جي لاڏاڻي ۽ اسلم کٽياڻ جي چاچي جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو ۽ دعا گهري وئي.

افغانستان ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 62 نوان ڪيس رپورٽ

ڪابل (م ڊ ) افغانستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 62 نوان ڪيس سامهون آيا آهن جنهن کان پوءِ متاثرن جو مجموعي انگ 40088 ٿي ويو. چيني خابرو اداري مطابق افغانستان جي صحت واري وزارت ٻُڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن  دوران 10 صوبن ۾ ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ 245 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن ۾ 62 مثبت آيا جڏهن ته ان دوران 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن سبب ڪورونا وائرس جي نتيجي ۾ مري ويلن جو مجموعي انگ 1485 ٿي ويو . ۽ ڪورونا وائرس ورتل وڌيڪ 69 مريض صحتياب ٿيڻ کانپوءِ ملڪ ۾ 33516 ماڻهو صحتياب ٿي چڪا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.