مقصودي رند ويجهو هڪ جوابدار گرفتار، 30 ليٽر ٺرو هٿ

مقصودو رند (ن ع آ) لنڊو شريف پوليس پاران گشت دوران هڪ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ ۽ کائنس 30 ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪرڻ جي دعوا خبر موجب لنڊو شريف پوليس پاران  گشت دوران معروف ڏاهري وٽ هڪ جوابدار محمد صادق خاصخيلي کي گرفتار ڪري کائنس 30 ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي ۽ جوابدار مٿان ڪيس داخل ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.

دڙو ڀرسان ديري کي باهه، 300 مڻ ساريون خاڪ

دڙو( ن ع آ ) دڙي ويجهو ابڙال جي ڳوٺ حاجي اسماعيل درس ۾ آبادگار ادريس درس جي سارين جي کري کي اوچتو باھ لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ کري ۾ پيل 3 سئو مڻ  کان مٿي ساريون ۽ پلال سڙي رک ٿي ويو جڏهن تہ فائر برگيڊ عملي پهچي باھ تي ضابطو آندو ان ڏس ۾ متاثر آبادگار ادريس درس ٻڌايو تہ ڳوٺ ڀرسان سارين جو کرو هو جنهن کي اوچتو باھ وڪوڙي وئي جنهن ڪري کري ۾ پيل 3سئو مڻ کان به  مٿي ساريون ۽ پلال سڙي ويو هن چيو تہ باھ سبب 6 کان 7لک روپين جو نقصان ٿيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.