نئين ديري ۽ ڀرپاسي سارين جو فصل لهي ويو، اگهه گهٽ هجڻ جو دانهون

نئون ديرو(رپورٽ: غلام علي ڀٽو) سنڌ ۾ ماڪڙ، برساتن، طوفانن سميت مختلف قدرتي آفتن ۽ جيتن جي حملن کان باقي بچي ويل ساريالي فصل جي سٽ وارو مرحلو شروع ٿي ويو آهي. هڪ طرف ملڪ ۾ تيزيءَ  سان وڌندڙ مهانگائيءَ غريب عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي ته ٻئي طرف تيار ساريالي فصل جو مناسب اگهه نه ملڻ ڪري آبادگارن کي مٿي تي هٿ اچي ويا آهن. ساريون في مڻ 800 کان هڪ هزار روپين تائين في مڻ وڪرو ٿي رهيون آهن جڏهن ته آبادگارن ۽ هارين کي ساريالي فصل جو ٻج به هڪ هزار روپيه في ڪلو ۾ پئي ٿو. جڏهن ته ٻين مدن ۾ فصلن مٿان ٿيندڙ خرچ به آبادگارن کي نٿو بچي. ملڪ ۾ مهانگائيءَ سبب سارين کي ڇاڻي پالش ڪري تيار ٿيندڙ چانور، ڪٽي، ڏارو ۽ اٽو به سارين جي اگهه کان ٽيڻ تي وڪرو ٿي رهيو آهي. ساريالو فصل لهڻ کان اڳ چانورن جو ڏارو 1600 کان 1800 روپيه في مڻ وڪرو ٿي رهيو هو  جڏهن ته ساريالي فصل جي سٽ شروع ٿيڻ بعد رائيس ملرز توڙي واپارين سارين جو اگهه ڪيرائي ڇڏيو آهي ته جيئن هو سستي اگهه تي ساريون خريد ڪري سرمائيداري ڪري سگهن. هن وقت ملڪ ۾ چانورن توڙي ڪڻڪ جو اٽو 2500 کان 2800 روپين تائين في مڻ وڪرو ٿي رهيو آهي جڏهن ته چانور، کنڊ، داليون، گيهه، سبزين جا اگهه به آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن جنهن ڪري ساريالي فصل جي سٽ ڪندڙ هاري ۽ آبادگار پريشانين جو شڪار بڻجي ويا آهن. ان سلسلي ۾ ساريالي فصل جي سٽ ڪندڙ هارين ۽ ننڍن آبادگارن الطاف حسين، حاجي ممتاز علي، علي مردان، رياض احمد، راجا خان شر، نظر محمد، طالب حسين جروار ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته  ماڪڙ آئي، برساتون آيون، مختلف بيماريون آيون جنهن ۾ ساريالي فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسيو پر حڪومت اسان جي ڪا به مالڪي نه ڪئي. هن وقت سارين جو اگهه 800 کان هڪ هزار روپيه ملي ٿو جنهن جو حساب ڪجي ته اسان کي 30 روپيه مهينو به نٿو بچي جنهن ڪري اسان جي حالت خيرات پنڻ جهڙي ٿي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.