گمبٽ لڳ پوليس چڙهائي، عورتن ۽ ٻارن تي تشدد، ڀڃ ڊاهه، هڪ گرفتار

گمبٽ ( ن ع آ ) گمبٽ ۾ راضيديرو جي بااثرن ۽ اڳڙا پوليس جي مبينا زيادتين خلاف شنباڻي برادري جي ماڻهن پاران معصوم ٻارڙن سميت ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب گمبٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو  ويو راضيديرو ويجهو ڳوٺ بصر خان شنباڻي واسين پريس ڪلب گمبٽ اڳيان ڀٽائيءَ چوڪ تي راڻيپور، گمبٽ، اسٽيشن روڊ بلاڪ ڪري مظاھرو ڪندي اڳڙا پوليس ۽ سيال برادري جي بااثرن خلاف نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي مظاھرين عبداللطيف شنباڻي، منور علي، آدم خان، غلام عباس ، منظور احمد شنباڻي ۽ ٻين دانھيندي الزام ھنيو ته اڳڙا پوليس سيال برادري جي بااثر وڏيرن راشد علي سيال، نور محمد سيال، بخشيل سيال جي ونگار وهندي اسان جي چڱي مڙس ۽ جنس جي واپاري مينھل خان شنباڻي سميت پورهيتن عارف خان، علي مدد ۽ قربان علي شنباڻي مٿان بلاجواز چوري ڪرڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي اسان مسڪينن سان وڏي ناجائزي ڪئي آهي.  ٻه ڏينهن اڳ اڳڙا پوليس ڌاڙيلن جيان اسان جي گھرن ۾ گھڙي چادر ۽ چوديواريءَ جو تقدس پائمال ڪندي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪري سامان جي ڀنڃ ڊاھ ڪئي ۽ بيگناهه ھڪ ھمراھ علي مدد کي کنڀي کڻي وئي آهي، چيف جسٽس ۽ آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺي انصاف ڪن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.