جوهي لڳ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ، عورت فوت

جوهي (  ت ر)  جوهي لڳ دادو روڊ تي ڪار جي موٽرسائيڪل کي ٽڪر سبب زخمي ٿيل عورت زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي آهي،  دادو جي ڳوٺ نئون لکو واسڻ بيواهه عورت عارفا زال پرويز آرائين پنهنجي ڀائٽيي زبير آرائين سان موٽرسائيڪل تي جوهي اچي رهي هئي ته ڇنڊڻ لڳ دادو روڊ تي ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿي پئي، جنهن کي سيوهڻ نيو پئي ويو مگر هوءَ زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي آهي. فوتي عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال جوهي آندو ويو آهي، جوهي پوليس اسپتال پهچي فوتي عورت جي وارثن جا بيان ورتا آهن, پوليس موجب معاملي جي جانچ ڪريون پيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.