سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جو قبضو ناجائزي آھي: جساف

ڪراچي (پ ر) جساف مرڪزي صدر اشرف ڪلهوڙو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ياور خان مهيسر، شعيب ميمڻ، سراج خشڪ پريس بيان  جاري ڪندي چيو آھي تہ سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جو قبضو ناجائزي آھي جيڪا سنڌي ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو صدارتي آرڊينس واپس نه ورتو ويو ته ڌرتي ڌڻي لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي سنڌ جا روڊ رستا جام ڪري ڇڏيندا، ھنن وڌيڪ چيو ته ٽوڙھي ڦاٽڪ جي شهيدن جي شهادت ڏھاڙي تي جساف ڪارڪن سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي احتجاج ۾ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ۾ شريڪ ٿي شهيدن سان وفا جو وچن ورجائيندا.  ٽوڙھي ڦاٽڪ جي شهيدن جي ڪيل جدوجهد ھلي ھڪ ڏينهن پنهنجي منزل ضرور ماڻينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.