بلوچستان لڳ حادثي جو زخمي فوت، سجاول ڀرسان تدفين

سجاول ( ڊ ر ) سجاول لڳ دڙي موري کان مزدوري لاءِ بلوچستان طرف ويندڙ پورهيتن سان گذريل ڏينهن ڪوئيٽا لڳ پيش آيل روڊ حادثي ۾  سجاول واسي ٻن نوجوانن جي فوت ٿيڻ وقت زخمي ٿيل نوجوان ستار موڙيو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، روڊ حادثي ۾ سجاول جي ڳوٺ رمضان موڙيو جي ٽن نوجوانن صادق، ستار ۽ شيرو موڙيو جي لاشن کي رات دير سان وارثن پاران سندس اباڻي ڳوٺ کڻائي آيا، حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوانن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو هر اک آلي بڻجي وئي. ، ۽ ڳوٺ ۾ سوڳ ڇائيجي ويو، فوتي نوجوانن کي سندس اباڻي قبرستان ۾ سپردخاڪ ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ فوتين جي جنازي نماز ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي جي قادر بخش زئور,پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سجاد شورو,جسقم جي ڪريم شورو, سميت آس پاس جي ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، حادثي ۾ فوت ٿيل صادق کي ٻن ٻارن جو اولاد ھو ,ستار غيرشادي شده ھو,جڏھن ته ٻڌايو پيو وڃي ته پيش آيل حادثي ۾ سجاول واسي ٽن ڄڻن سميت ڪوئيٽا جو رهاڪو گاڏي ڊرائيور پڻ فوت ٿي ويو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.