چوهڙ جمالي ۾ علاج دوران نينگر فوت، لاش رکي ڌرڻو

چوهڙ جمالي( ن ع آ ) چوهڙ جمالي واسي ٻه سالا نينگر سجاول اسپتال ۾ غلط انجيڪشن لڳڻ سبب فوت وارثن پاران پارڪ روڊ تي لاش  رکي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو اسپتال عملي خلاف سجاول ٿاڻي تي رپورٽ داخل , چوهڙ جمالي شهر جي سسيا محلي جي رهواسي غلام مصطفي سسيو جو ٽي سالا پٽ احسان کي ڇاتي جي تڪليف سبب سجاول جي پرائيويٽ تي آندو ويو جتان ٻارڙي کي نيمبولائيز ڪرڻ لاء سجاول سول آندو ويو جتي اسپتال عملي پاران نيمبولائيز ڪرڻ بعد ٻارڙي کي انجيڪشن لڳائي ويئي . جنهن سبب ٻارڙو موقعي تي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو ٻارڙي جي فوت ٿيڻ کانپوء وارثن اسپتال آڏو عملي جي نااهلي خلاف سخت احتجاج ڪري فوتي نينگر جو لاش کڻي مين شاهراھ پارڪ روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي ويئي ان موقعي ايس ايچ او سجاول آفتاب جاگيراڻي متاثر ڌر وٽ پهچي ڌرڻو ختم ڪري ٿاڻي تي اڇي رپورٽ داخل ڪئيڍ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.