دريا خان مري ڀرسان نينگر ٽريڪٽر ٽرالي هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت

دريا خان مري (ن ع آ)دريا خان مري ڀرسان قمرالدين چانڊيو ٿاڻي جي حد خالد آباد اسٽاپ وٽ تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي روڊ پار ڪندڙ 12  سالن جو نعمان ولد اعظم ڪورائي مٿان چڙھي وئي، نينگر موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، واقعي بعد قمرالدين چانڊيو پوليس حادثي واري ھنڌ پھچي ٽريڪٽر ٽرالي کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. جڏھن ته ٽريڪٽر ڊائيور فرار ٿي ويو.  فوتي نينگر جو لاش کڻڻ لاءِ ايمبولنس نه ھجڻ سبب نينگر جو لاش 2 ڪلاڪ تائين روڊ تي پيل رھيو بعد ۾ مورو کان ايمبولنس گھرائي پوليس نوجوان جو لاش تعلقه اسپتال مورو پھچايو ويو جتي ضروري قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.