ڏهرڪي ۾ پسند پرڻو ڪندڙ جوڙي جي گهر تي حملو، احتجاج

ڏھرڪي( ن ع آ)گھوٽڪي جي عدالت ۾ هڪ مهينو اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ ڪموشھيد رھواسڻ ناري فرزانه چاچڙ پنھنجي مڙس قربان  چاچڙ سان گڏجي ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو آھي ته ھڪ مھينو اڳ مان قربان چاچڙ سان گھوٽڪي جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪئي ھئي جنھن تان منھنجا مائٽ اسان جي جان جا ويري بڻجي ويا آھن ۽ اڄ منھنجي مائٽن طالب چاچڙ، امير علي، امداد، رمضان ۽ ٻين حملو ڪري منھنجي مڙس جي چاچي حق نواز چاچڙ کي ڌڪ ھڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو آھي . ھن ايس ايس پي گھوٽڪي سميت حڪومت جي اعليٰ اختيارين اپيل ڪندي چيو ته ڄاڻايل جوابدارن مان اسان کي جان جو خطرو آھي تنھنڪري ھنن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.