حاڪم ڪٽوهر جو خون ثابت، 15 لک رپيا ڏنڊ

ڳڙھي خيرو(ن ع آ)ڳڙھي خيري ڀرسان ڪٽوهر- ڏاهاڻي ۽ عمراڻي برادري جو سردار سجاد خان بليدي جي سرپئنچي ۾ نبيرو ٿي گُذريو، حاڪم  ڪٽوهر جو خون ثابت ٿيڻ تي عمراڻي برادري جي عبدالحميد ڌُر مٿان مجموعي طور 15 لک رپيا ڏنڊ مقرر ٿيو، ڏاهاڻي برادري فيصلي ۾ آجو قرار، ياد رهي ته ڪجھ مهينا اڳ پنهون ڀٽي ٿاڻي جي حد ۾ ڪٽوهر برادري جي ٻن ڌرين جي جهيڙي ۾ مُخبري ڪرڻ تي ڪٽوهر برادري طرفان عمراڻي برادري ماڻهن جو پيچو ڪيو ويو هو، عمراڻي برادري جي ماڻهن ڏاهاڻي ڌُر جي بهار خان وٽ پناھه ورتو هو، جتي ڪٽوهر ۽ ڏاهاڻي جي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ڏاهاڻي برادري جي فائرنگ ۾ حاڪم علي ڪٽوهر مارجي ويو هو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.