ٺٽي ۾ خوشحالي پروگرام جي سروي ڪندڙ معاوضي لاءِ دربدر

ٺٽو(ڊ ر)ٺٽو ۽ سجاول ضلعن ۾ 3 سال اڳ قومي خوشحالي پروگرام جي سروي ڪندڙ ملازمن کي اڃان تائين ڪيل سروي جو معاوضو ملي ناھي سگھيو، ملازم سراپا احتجاج بڻيل، رھيل معاوضو ڏياري پريشاني کان بچائڻ جو مطالبو. ان سلسلي ۾ ٺٽو ۽ سجاول ۾ قومي خوشحالي پروگرام جي سروي ڪندڙ معاوضي کان محروم ٿيل ملازمن محمد علي ميرجت، عرفان ماٹکاٹی قربان منگسي، اسلم رونجھو، عيسي جماري ۽ ٻين مڪلي ۾ احتجاج ڪندي چيو آھي تہ ھنن ٺٽي ۽ سجاول ضلعن ۾ 2017 ۾ قومي خوشحالي سروي جي نالي سان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي سروي جيڪا ھڪ پرائيوٽ اداري آسا ڪنسلٽنگ طرفان ڪرائي ويئي، جنهن ۾ ساڻن گڏ ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي 500 سئو ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي سروي وارو ڪم سونپيو ويو، جيڪو ھنن مليل وقت تي پورو ڪيو، جنھن بعد آسا ڪنسلٽنگ طرفان ساڳئي ٿيل سروي جي جاچ پڙتال ۽ ڪجهه رھجي ويل گھراڻن جي ٻيھر سروي ڪرائي کين چيو ويو تہ ڪم مڪمل ٿيڻ بعد کين پگھارون ڏنيون وينديون،  پر 3 سال گذري وڃڻ باوجود کين اڃان تائين رھيل پگھارون ملي ناھن سگھيو. جنھن ڪري ھو سخت پريشان آھن. ھنن احساس ڪفالت پروگرام  جي انتظاميہ، سنڌ حڪومت سميت سمورن لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته کين رھيل پگھارون ڏيئي کين پريشاني توڙي فاقہ ڪشي کان بچايو وڃي. ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.