نوابشاهه قائد عوام جي شاگردن جو آن لائن ڪلاسن خلاف مظاهرو

نوابشاهه (ڊ ر ) قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه جي وائيس چانسلر پروفيسر سليم رضا سمون خلاف شاگردن پاران آن لائين ڪلاس وٺڻ واري عمل خلاف اڄ پنجين ڏينهن به نوابشاهه پريس ڪلب جي سامهون احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد بک ھڙتال ڪئي وئي، انھيءَ موقعي تي شاگردن سجاد کوسو، مجيد مغيري، ڪاشف ڏاھري، سھيل جمالي، شاھد ابڙو، عامر جمالي ۽ ٻين چيو ته اڄ اسان کي بُک هڙتال ڪندي اڄ پنجون ڏينهن آھي ليڪن يونيورسٽي جي انتظاميه اسان جي ھڪ به ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي، ھنن چيو ته اسان جا ڪورونا وائرس ۾ آن لائين ڪلاس ورتا ويا، جڏھن ته ھن وقت اسان کان ريگيولر امتحان وٺڻ بجاءِ آن لائن امتحان ورتا پيا وڃن جيڪا اسان سان نا انصافي آهي،ھنن چيو ته سڄي سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب پرائمري اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون کليل آھن، جڏھن ته قائد عوام يونيورسٽي جي انتظاميه ھن وقت به آن لائين ڪلاس وٺي رھي آھي، ھنن چيو ته اسان کان پھريان جيڪي آن لائين ڪلاس ورتا ويا انھن جا آن لائين امتحان ورتا وڃن ۽ ھن وقت اسان کي ريگيولر پڙھايو وڃي، شاگردن مطالبو ڪيو ته اسان جا جائز مطالبا تسليم ڪري اسان مان بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.