تبديلي پسندن ڪروڙين ماڻهن کان روزگار کسيو آهي: سليم بلوچ

گڏاپ/کوکراپار(نمائندن وٽان) پيپلز پارٽي ايم پي اي سليم بلوچ چيو آهي ته تبديلي پسندن جي تبدلي ڪروڙين ماڻهن کان روزگار ئي کسي ورتو آهي عوام پريشان آهي ٻن سالن تائين وفاقي سرڪار سنڌ تي خرچ ڪرڻ بدران سنڌ جي ئي وسيلن تي قابض ٿيڻ جي ڪوشش ۾ آهي اسان عوامي خدمت لاءِ ئي سياست ڪري رهيا آهيون پييپلز پارٽي سنڌ جي ماڻهن لاءِ تمام زبردست ڪم ڪري رهي آهي تحريڪ انصاف جي وفاقي سرڪار ملڪ جي معيشيت تباھ ڪري ڇڏي هن وقت ملڪ جو عوام مهنگائي سبب پريشان آهي عمران خان جيڪي واعدا عوام سان ڪيا هئا هڪ به واعدو وفا ناهي ڪيو پاڪستان اسٽيل مل سميت ملڪ ۾ ڪيترائي ادارا بند ٿي رهيا آهن ملڪ ۾ معاشي بحران آهي پر وفاقي سرڪار کي پرواھ ئي ناهي سليم بلوچ چيو ته وفاقي سرڪار ارڙهين ترميم ختم ڪرڻ جا خواب ڏسڻ بند ڪري صوبن جي خدمختياري تي تحريڪ انصاف جو وار برداشت نه ڪبوصوبن جي اختيار سان ڇيڙ ڇاڙ نه ٿيڻ گهرجي عمران خان جي سرڪار سنڌ جي ناڻي جا پئسا به هڙپ ڪري رهي آهي جنهن سبب سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن ۾ دير ٿي رهي آهي. سليم بلوچ ملير نيشنل پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ رڪارڊ ڪم ڪيو آهي ٻين صوبن کان وڌيڪ وڏي وزير مراد علي شاھ ڪم ڪيا آهن هن چيو ته ملير جي ماڻهن جا مسئلا به اوليت جي بنياد تي حل ٿي رهيا آهن .اسان عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ آيا آهيون هن چيو ته اسان ملير جا سمورا چونڊيل نمائندا ملير جي عوام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ۾ رڌل آهيون ته جيئن ماڻحن جا بنيادي مسئلا حل ٿين سليم بلوچ چيو آهي ته پيپلز پارٽي جمهوري پارٽي آهي جيڪا ملڪ ۾ جمهوري نظام چاهي ٿي ڪارساز سانحو ملڪ دشمن قوتن ڪيو محترم بينظير ڀٽو کي به ملڪ دشمن قوتن شهيد ڪيو 18 آڪٽوبر ڪارساز سانحي جي ياد ۾ ٿيندڙ جلسي ۾ لکين ماڻهن جو عوامي سمنڊ هوندو سليم بلوچ چيو ته عوام کي سک سان جيئڻ ڏنو وڃي جيڪڏهن تبديلي پسندن جي سرڪار وڌيڪ عرصو رهي ته ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ به پريشان رهندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.