ميرپورخاص ۾ گٽڪي ۽ مين پڙين جو وڪرو عام

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ ) سنڌ ۾ مين پڙي ۽ گٽڪي جي کُلي عام وڪري ۽ مين پڙي گٽڪي جو ڪاروبار صنعت جي شڪل اختيار ڪري نوجوان نسل کي تباهي ۽ موت ڏانهن وٺي وڃڻ ۽ سنڌ ۾ هزارين نوجوانن ۾ گٽڪي جي واهپي سبب ڪينسر جي جھڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي موت جو کاڄ بڻجڻ جي واقعن جي شڪايتن ۽ اطلاعن بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران سنڌ ۾ مين پڙي ۽ گٽڪي تي پابندي هڻي مين پڙي ۽ گٽڪي جو ڪاروبار ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي جو حڪم ڏيندي مين پڙي ۽ گٽڪي جو ڪاروبار ڪندڙ ن کي 337 جي تحت چالان ڪرڻ وارين هدايتن تي ڪجھ ڏينهن تيزي سان عمل ڪرڻ بعد ذريعن موجب پوليس جي ڪارين رڍن انهي قانون کي ڪمائي جو ذريعو بڻائيندي مين پڙي گٽڪي جو ڪاروبار ڪندڙن سان ملي ڀڳت ڪري پنهنجي منٿلي ۾ اضافو ڪري مين پڙي ۽ گٽڪي خلاف سخت ڪاروايون ڪرڻ وارين هاءِ ڪورٽ جي هدايتن تي عمل ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، نوٽيس وٺي پوليس ۾ موجود ڪارين رڍن خلاف ڪاروائي ڪري هاءِ ڪورٽ جي هدايتن تي عمل ڪري مين پڙي ۽ گٽڪي جو ڪاروبار بند ڪرائي نوجوان نسل کي موت جو کاڄ ٿيڻ کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.