نوابشاهه پي ايم يو ۾ ايم بي بي ايس جي انٽري ٽيسٽ ملتوي

نوابشاهه (ڊ ر ) پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي نوابشاهه جي وي سي پروفيسر ڊاڪٽر گلشن ميمڻ پريس بيان جاري ڪندي چيو آهي  ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران  18 آڪٽوبر 2020 تي ٿيندڙ ايم بي بي ايس جي انٽري ٽيسٽ نه ڪرائڻ واري حڪم کانپوءِ انٽري ٽيسٽ ملتوي ڪئي وئي آهي.

سيوهڻ ۾ سماجي اڳواڻن کي گٿا لفظ ڳالهائڻ خلاف مظاهرو

سيوھڻ ( ن ع آ ) سيوھڻ سوشل فورم جي اڳوڻي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ۽ ڳوٺ ڪرمپور جي رھواسي شرپسند شخص آفتاب سولنگي پاران احتجاجي ريلي دوران ۽ ان بعد پنهنجي فيس بڪ آءِ  ڊي ذريعي سيوھڻ جي معزز شھرين ۽ سماجي اڳواڻن غلام مصطفي ميمڻ ۽ علي اڪبر ڪٽوھڙ  کي اخلاق کان ڪريل گٿا لفظ ڳالھائڻ ۽ کين حراسان ڪرڻ واري معاملي خلاف شھري اتحاد جي اڳواڻي ۾ ڪيئر ڪالوني سيوھڻ جي رھواسين ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پلي ڪارڊ کڻي ڪيئر ڪالوني کان سيوھڻ پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪڍي اسٽيشن روڊ تي ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي  ڪئي. ان موقعي تي شھري اتحاد جي چئرمين غلام مصطفي ميمڻ, علي اڪبر ڪٽوھڙ, گلاب ڪٽوھڙ, آصف سيال, رفيق ڏيٿو ۽ ٻين چيو ته ڳوٺ ڪرمپور جي ھڪ شرپسند شخص نالي آفتاب سولنگي پاران احتجاجي ريليءَ  دوران وچ شھر ۾ بيھي سيوھڻ جي شھرين ۽ نياڻين کي گٿا لفظ ڳالھائڻ بعد ھاڻي سندس پاران ڄاڻايل معزز شھرين خلاف سوشل ميڊيا تي گارگند ۽ ڪردارڪشي ڪري حراسان ڪري رھيو آهي ۽ پنهنجي حرڪتن کان باز نٿو اچي جيڪو تمام افسوسناڪ آهي اسان ان عمل جي سخت مذمت ڪيون ٿا،هنن آءِ جي سنڌ  ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو

نوابشاهه ۾ خانگي اداري پاران ليڪچر پروگرام

نوابشاهه(ڊ ر) نوابشاهه جي خانگي تعليمي اداري ايمس سوليوشن شھيد بينظير آباد ۾ ھڪ ليڪچر پروگرام منعقد ڪيو ويو جنھن کي اداري سربراهه شفيق احمد پھنور، نياز احمد اڄڻ، نجم الدين ٻڌ ۽ ٻين شاگردن کي روزگار ڪرڻ جي حوالي سان پنھنجو مستقبل ڪئين ٺاھجي جي موضوع تي ليڪچر ڏنو، انھيءَ موقعي تي اسپيڪرن خطاب ڪندي چيو ته ھن وقت اسان جي نوجوانن کي اڳتي اچڻو پوندو، ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ پوندو ۽ اھو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏھن اسان جا نوجوان شاگرد محنت ڪن ۽ اسان جو به مقصد به اهو ئي آھي ته اسان نوجوانن ۾ خود اعتمادي پيدا ڪيون ۽ انھن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا فرآھم ڪيو ته جئين ھو پنھنجو پيرن تي بيھي پنھنجي ڪاروبار ڪري سگھن،انھي موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.