ٽنڊو باگو ۾ پگهار نه ملڻ خلاف ٽائون ملازمن جو ڌرڻو

ٽنڊو باگو (ت ر ) ٽنڊو باگو ٽائون آفيسر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر وچ ۾ بلن واري معاملي تان اندروني تڪرار سبب سوين ٽائون ملازمن جون 16 ڏينهن کان پگهارون بند جڏهن ته ٽائون ملازمن پاران پگهارون نه ملڻ خلاف مڇرجي ٽائون آفيس کان بدر چوڪ تي مسلسل 6 ڪلاڪن تائين ڌرڻون هڻي ٽائرن کي باهيون ڏيئي  نعريبازي ڪري شهر جا سمورا روڍ رستا بند ڪري ڇڏيا جڏهن ته ملازمن پاران اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ٽائون آفيسر خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي انهي موقعي تي اڳواڻن سخاوت بلوچ عنايت انڙ، .حبيب پنهور.اسدالله خاصخيلي .شڪيل ميمڻ .نارائڻ ميگهواڙ.۽ ٻين سوين ملازمن چيو ته ٽائون آفيسر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر وچ ۾ اختلافن سبب اسان غريبن سان ظلم ڪري اسان جون پگهارون بند ڪيون ويون آھن اسان جا ٻچا فاقا ڪشي واري زندگي گهارڻ ته مجبور آھن هنن اعليٰ آفيسرن کان مطالبو ڪيو ته نااهل آفيسرن کي فوري طور تي هٽائي اسان جون پگهارون جاري ڪيو وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جي دائري کي وڌايو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.