ٺٽي ۾ ڪمشنر جي گڏجاڻي،ترقياتي ڪمن جو جائزو

ٺٽو(ڊ ر) ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ جي صدارت هيٺ دربار هال مڪلي ۾ ترڪش هائوسنگ ڪامپليڪس، انٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) ٺٽو ڪيمپس ۽ ضلعي جي ٻين مختلف مامرن بابت گڏجاڻي منعقد ٿي، محمد عباس بلوچ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو کي هدايت ڪئي ته ترڪش هائوسنگ ڪامپليڪس جي گھرن بابت هلندڙ سروي واري ڪم کي جلد کان جلد مڪمل ڪن ۽ اُتي رهندڙ ماڻهن کي گھربل بنيادي سهولتون جنهن ۾ روزه مره جي استعمال وارين شين جي موجودگي کي يقيني بنائڻ لاءِ دُڪانن جي نيلامي ۽ ٻين مسئلن بابت تجويزن سميت هڪ جامع رپورٽ پيش ڪئي وڃي ته جيئن ڪورٽ ۾ پيش ڪري وڌيڪ حڪمت عملي جوڙي سگھجي. ڊويزنل ڪمشنر ايس ايس پي ٺٽو ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته ترڪش ڪالوني ۾ رهندڙ ماڻهن جي ڪردار بابت پڻ معلومات حاصل ڪئي وڃي. هن آءِ بي اي سکر ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن کي پڻ هدايت ڪئي ته آءِ بي اي بلڊنگ بابت درپيش مسئلن تي هڪ تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي ته جيئن ڪيمپس کي جلد فعال بنائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن. ان کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو محمد عثمان تنوير ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن ترڪش هائوسنگ ڪامپليڪس جي هلندڙ سروي، بجلي جي ميٽرن ۽ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي، صفائي سٿرائي ۽ انٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) جي صورتحال کان تفصيلي آگاه ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.