ميرپورخاص ۾ ڪوس گهر غير فعال، جانور روڊن تي ذبح

ميرپورخاص(رپورٽ محمد صالح اوٺو) ميونسپل ڪاميٽي ميرپورخاص جي نگراني ۾ هلندڙ جانورن جو ڪوس گھر ڪامورن جي نااهلي سبب غير فعال بڻيل آهي ميرپورخاص شهر ۾ وڪرو ٿيندڙ گوشت کي سرڪاري ڪوس گھر ۾ ڊاڪٽرن جي نگراني ۾ چيڪ ڪرڻ بعد رهواسين کي ملڻ جي بدران بااثر ڪاسائي کُلي عام شهر جي وچ روڊن تي بيمار ۽ لاگرز جانورن کي ڪهي غيرمعياري گوشت مهانگي اگھن تي وڪرو ڪري رهيا آهن ميونسپل ڪاميٽي ۽ لائيواسٽاڪ کاتو شهر ۾ کُلي عام روڊن تي ذبع ٿيندڙ جانورن ۽ بيمار جانورن جو گوشت رهواسين کي وڪرو ڪرڻ وارين شڪايتن جي باوجود پرسرار خاموشي اختيار ڪري اگھور ننڊ ۾ سُتل آهن. ذريعن موجب سرڪاري ڪوس گھر تي ميونسپل ڪاميٽي پاران ايندڙ جانورن تي ٽيڪس وٺڻ ۽ جانورن جي چڪاس ڪرڻ لاءِ موجود جانورن جي چڪاس ڪرڻ کان بچڻ لاءِ شهر جا ڪاسائي شهر جي وچ روڊن تي جانورن کي حلال ڪري گوشت وڪرو ڪري رهيا آهن. لاڳاپيل اختيارين کي ڪيترائي ڀيرا ليٽر لکي چڪا آهيون پر ڪوس گھر کي فعال بڻايو نه پيو وڃي .جنهن ڪري ڪوس گھر تي جانورن کي حلال ڪرڻ جو ڪم بند پيل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.