راشد رباني جو وڇوڙو پارٽي لاءِ وڏو نقصان آهي: سردار چانڊيو

گلشن اقبال (ن ع آ) پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيي چيو آهي ته اتر وزيرستان جي علائقي رزمڪ ڀرسان پاڪ فوج جي قافلي تي دهشگردن هٿان حملي ۾ شهيد ڪيل هڪ ڪئپٽن ۽ 5 جوانن واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي هن چيو ته پاڪ فوج جي جوانن جي قربانين کي سلام پيش ڪجي ٿو ۽ سندس ملڪ جي دفاع لاء انجام ڏنل ذميواريون قابل داد آهن سڄي قوم نوجوانن سان شانه بشانه گڏ بيٺل آهي هن چيو ته راشد رباني جو لاڏاڻو پارٽي جو ناقابل تلافي نقصان آهي راشد رباني پ پ پ جو سرمايو هو جنهن هروقت پارٽي سان وفاداري جو وچن نڀايو ۽ سندس ملڪ توڙي قوم لاء ڪيل خدمتون تاريخ جو سونهري حصو آهي سندس لاڏاڻي تي وارثن سان ڏک ۽ همدردي جو اظهار ڪجي ٿو الله پاڪ وارثن کي صبر جي توفيق عطا ڪري مرحوم جي مغفرت فرمائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.