ٻيلو -ٺٽو روڊ aجي زبون حالت، ھنڌان هنڌان اکڙي ويو

ٻيلو شھر(ن ع آ) ٻيلو شھر ٺٽو روڊ وايه دمدمون جي زبون حالت آھي  روڊ جي  گذريل 20 سالن کان ڪابه مرمت نه ٿيڻ ڪري روڊ ھنڌان هنڌان اکڙي ويو روڊ ۾ ٻن کان ٽن فوٽن جا کڏا پئجي ويا  آھن روڊ تي پٿرن جا ڊير ٿي ويا آھن ٻيلو شھر دمدمون روڊ جي حالت خراب هئڻ ۽  روڊ ۾ کڏا پئجي وڃڻ ڪري روڊ تان گاڏين جو هلڻ انتهائي مشڪل بنجي ويو آھي گاڏين جي مالڪن ۽ گاڏيون هلائيندڙ ڊرائيورن جو چوڻ آھي ته روڊ جي خراب حالت سبب گاڏيون هلائڻ انتهائي مشڪل آھي گاڏيون تباھ ٿي ويون آھن هر روز گاڏين جو ڪو نه ڪو پرزو ٽٽيو وڃي ٿو گاڏيون ٺھرائي ٺھرائي ٿڪي پيا آھيون  ٻيلو شھر دڙو ٻنون شھرن سميت ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ رهندڙ  ڳتيل آبادي جي عوام جو  بيمارين جي حالت توڙي مختلف ڪم ڪارين سانگي مڪلي ٺٽو ڪراچي حيدرآباد  ۽ ٻين شھرن طرف وڃڻ جو واحد زريعو ٻيلو دمدمون روڊ آھي پر روڊ جي خراب حالت هئڻ ڪري هتان جي رهواسين کي ڏکيائين کي منهن ڏسڻو پئجي رهيو آھي .رهواسين اعلي اختيارين کان روڊ ٺھرائي ڏيڻو جو مطالبو ڪيو آھي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.