ڪراچي ۾4 سال اڳ پسند پرڻو ڪندڙ ناري جو مڙس خلاف احتجاج

گللشن اقبال (ن ع آ) چار سال پھرين پيار جو پرڻو ڪندڙ  ڪراچي غازي ڳوٺ ۾رھائش پذير ناديه شاھ جو پنھنجي مڙس سيد جمال شاھه خلاف تشدد ڪري گھران ڪڍڻ خلاف احتجاج ڪيو، ان موقعي تي متاثر عورت ناديه شاھ صحافين کي ٻڌايو ته چار سال پھرين مون ڪراچي جي غازي عبدالله شاهه ڳوٺ جي رھواسي سيد جمال شاھ سان پيار جوپرڻو ڪيو ھيو، جنھن کانپوء ھو ڪراچي جي غازي ڳوٺ ڀرسان الرضي سوسائٽي ۾ رھائش اختيار ڪئي، منھجو مڙس سيد جمال شاھ ٻئي شادي جي چڪر ۾ مونتي تشدد ۽ مارڪٽ ڪرڻ لڳو، جنھن جي درخواست سچل ڳوٺ ٿاڻي تي پڻ ڏني آھي، ھن وڌيڪ چيو ته ھن اھڙي شڪايت پنھنجي سھري سيد اڪبر شاھ کي پڻ ڏني پر سندس سھري سيد اڪبر شاھ چيو ته اوھان کي منھنجي پٽ ٻه سال پھرين طلاق ڏئي چڪو آھي اوھان غلط بياني ڪيو پيا، متاثر عورت روئيندي ٻڌايو ته اگر ھن جي مڙس مونکي طلاق ڏني ھئي ته ھو ٻه سالن تائين مونسان بغير نڪاح جي زندگي ڪيئن پيو گزاري، متاثر عورت وڌيڪ چيو ته سندس مڙس گھر مان نڪاح نامو به کڻي ويو آھي، متاثر عورت ناديه شاھ سپريم ڪورٽ، سنڌ ھاء ڪورٽ، حڪومت سنڌ، آء جي سنڌ، ايس ايس پي اوڀر ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان سيد جمال شاھ خلاف قانوني ڪاروائي ڪري انصاف فراھم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.