ٽنڊي حيدر ۽ ڀرپاسي بلڊر مافيا تر تپائي ڇڏيو، ڌڙا ڌڙ قبضا

ٽنڊوحيدر(رپورٽ: عرس خاصخيلي) ٽنڊوحيدر سميت آسپاس جي علائقن ۾ بلدر مافيا رڻ ٻاري ڏنو، مسڪين اٻوجھ ماڻھن کي ڪوڙا دلاسا ڏئي غير قانوني پلاٽ وڪرو ڪرڻ ۾ مصروف، اڻ رجسٽر پلاٽنگ، رهواسي لاءِ عذاب بڻيل، جڏهن ته ٽنڊوحيدر جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻ جنهن ۾ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر غلام سڪينه هاليپوٽو، ايس ٽي پي اڳواڻ عبدالشڪور پرهياڙ، عبدالسلام خاصخيلي، مسلم ليگ(ف) اڳواڻ سائين ڏنو شاهه، دلشاد ميمڻ، سماجي اڳواڻ ناظم چانڊيو، خالد پرهياڙ چيو ته ٽنڊوحيدر سميت ٽنڊوغلام محمد، جهنڊو کوسو، ڏيٿا اسٽيشن ۽ آسپاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ سوين هائوسنگ اسڪيمون قائم ڪيون ويو آھن، جن ۾ ڪجھ ايڇ ڊي اي، ٽائون پلاننگ کان غير منظور شده آھن، بلڊر مافيا مسڪين اٻوجھ ماڻھن کي سهانه خواب ڏيکاري، ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آھن، جن کي چوڻ وارو ڪو به ناهي، جڏهن ته زرعي زمين کي به غيرقانوني طور استعمال ڪري رهواسين کي روڊ رستن توڙي گئس بجلي پاڻي، ڊينيج جي سهولتن کان محروم ڪيو ويو آھي. بلڊر مافيا رجسٽرين جو خرچ بچائڻ لاءِ ماڻھن سان دوکو ڪري رهي آهي. هنن اعليٰ عملدارن کان گهر ڪئي ته بلڊر مافيا جي اهڙي ظلم جو نوٽيس ورتو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.