18آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ پ پ جو سمنڊ اٿلندو: شوڪت ملڪاڻي

چوھڙجمالي( ن ع آ ) 18 آڪٽوبر تي ڪراچي م ماڻھن جو سمنڊ ھوندو.پي ڊي ايم جي جلسي کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جا ھزارين ماڻھون جا قافلا سجاول ضلعي مان ڪراچي روانو ٿيندا ـ پارٽي قيادت جي  حڪم تحت پ پ جو ھر ڪارڪن شرڪت ڪري ثابت ڪندو ته عوام جي دلين ۾ اڄ به پ پ جي محبت آھي اھڙي خيالن جو اظهار سابق ضلع ڪائونسل ميمبر ۽ پ پ اڳواڻ حاجي شوڪت علي خان ملڪاڻي شاھبندر تعلقي جي پ پ  عھديدارن ورڪرن. ڪارڪنن. جيالن سميت شھرين سان گڏجاڻي دوران ڪيو ھن جو چوڻ هو ته ملڪ م مھنگائي وڌنڌي پئي وڃي غريب عوام کي سواءِ مھنگائي جي ٻيو ڪجھ نه ڏنو ويو.

پ پ ڪراچي ۾تاريخي جلسو ڪندي: ارباب وزير ميمڻ

دڙو ( ن ع آ)  سڀاڻي ڪراچي ۾ رٿيل جلسي ۾ سجاول ضلعي مان 10 هزار ماڻهو شرڪت ڪندا اهڙو اظهار پ پ ضلعي سجاول جي اڳوڻي صدر ۽ سينيئر اڳواڻ ارباب وزير ميمڻ دڙي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو هن چيو تہ سجاول ضلعي ۾ سمورا پ پ ڪارڪن ضلعي صدر محمد علي ملڪاڻي جي قيادت ۾ متحد آهن ۽ سندس اڳواڻي ۾ سمورا ڪارڪن قافلي جي صورت ۾ ڪراچي روانا ٿيندا هن چيو تہ آئون پيپلزپارٽي جو ڪارڪن آهيان ڪڏهن بہ پارٽي سان غداري ڪري ڦريو ناهيان ۽ نہ ئي سانڊي وانگر رنگ بدلي ڪيو آهي هن چيو تہ ووٽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو آهي ڪير بہ پ پ پ جي ٽڪيٽ تي ايندو اهو ڪاميابي ماڻيندو

سنڌ جي زمين تي صرف ڌرتي ڌڻين جو حق آهي: ڊاڪٽر ايوب جت

بلڙي شاه ڪريم ( ن ع آ ) سمنڊ زمين تي آهي ۽ زمين سنڌ جي آهي اهڙن خيالن جو اظهار پ پ پ تعلقي بلڙي شاھ ڪريم جي صدر ڊاڪٽر ايوب جت ڪراچيء ۾ 18 آڪٽور جي ريليء جي سلسلي ۾ پيپلز يوٿ جي اجلاس ۾ ڳالهائندي ڪيو هن چيو ته ٻيٽ هزارين سالن کان سنڌ جي خشڪي واري جاگرافيائي زمين  رهي آهي جيڪا سمنڊ پائندو رهيو آهي پر  سمنڊ به سنڌ جي زمين تي آهي ان ڪري سنڌي سمنڊ تي قبضو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي پيپلز يوٿ بلڙي جي صدر شاهنواز خاصخيلي  اطلاعات سيڪريٽري سيد سجاد پپو شاه نظير جلالاڻي چيو ته 18 آڪٽوبر واري جلسي ۾ وڌ کان وڌ شرڪت ڪري شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي پ پ اڳواڻن چيو ته موجوده حڪومت سنڌ ۽ سنڌ واسين کي ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙھي ڇڏيو آھي ٽيڪس  مڙھي عوام جو جئيڻ جنجال ڪيو ويو آھي هنن چيو ته پيپلز پارٽي اها واحد پارٽي آھي جيڪا آمريت سان مهاڏو اٽڪايو .

غلام شاهه موري ۾ استادن جي کوٽ خلاف مظاهرو

غلام شاھ موري (رپورٽ : فياض چانڊيو)غلام شاھ موري گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول ۾ استادن جي کوٽ خلاف شاگردن ۽ شھرين جو احتجاجي مظاھرو شھرين ۽ شاگردن جو چوڻ ھو ته ڪيترن ئي سالن کان اسڪول ۾ استادن جي کوٽ آھي، جنھن سبب تعليم متاثر ٿي رھي احتجاج ڪندڙ شاگردن نيڪ محمد شورو ، اسما چانڊيو، عرفان جمالي، شھباز چانڊيو ۽ ڳوٺاڻن محمد چانڊيو، احمد چانڊيو، جبار راھيمون، ربڏنو خاصخيلي جو چوڻ ھو ته گورمينٽ بوائيز ھاءِ اسڪول ۾ صرف چار استاد موجود آھن جڏھن ته شاگردن جي تعداد 800 جي لڳ ڀڳ آھي شاگردن ۽ شھرين سنڌ جي وڏي وزير ۽ تعليم واري وزير کان مطالبو ڪيو آھي ته استاد مقرر ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.