زرعي يونيورسٽي لاءِ اعزار، مليشيا حڪومت ليڪچرار جي پي ايڇ ڊي ٿيسز شايع ڪرائي

ٽنڊوڄام(رپورٽ: احمد سجاد) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام انفارميشن ٽيڪنالوجي سينٽر جي ليڪچرار  ۽ مليشيا جي اسلامڪ انٽرنيشنل يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪندڙ اسڪالر ڊاڪٽر محمد يعقوب ڪونڌر جي بهترين تحقيق ڪرڻ تي مليشيا حڪومت سندس تحقيقي ٿيسز کي ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪرايو آهي، جيڪو زرعي يونيورسٽي ۽ سنڌ لاءِ اعزاز آهي، مليل ڄاڻ موجب ڊاڪٽر يعقوب 2017 ۾ مليشيا جي اسلامڪ انٽرنيشنل يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪئي هئي، جنهن بعد مليشيا حڪومت پنهنجي ملڪ سميت مختلف ملڪن مان آيل گريجوئيٽس جي ڪيل تحقيق کي پنهنجي ڇنڊڇاڻ ڪاميٽي ذريعي جانچ ڪرائي، جنهن مان ڪل 15 اسڪالرز جي چونڊ ڪئي ويئي، جنهن مان ڊاڪٽر يعقوب ڪونڌر انهن ملڪن مان معيار جي لحاظ کان ستون نمبر ماڻيو، جنهن جي ڪيل تحقيق واري ٿيسز کي ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪرايو، جنهن جو ٽائيٽل اسيپٽنس آف پروگريسو لرننگ جو عنوان ڏنو ويو آهي، ڊاڪٽر يعقوب ڪونڌر مختصر تقريب دوران پنهنجي شايع ٿيل ڪتاب جي ڪاپي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي کي پيش ڪئي، ان موقعي تي زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ظهيرالدين ميراڻي، ڊاڪٽر يعقوب ڪونڌر کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته مليشيا حڪومت پاران زرعي يونيورسٽي جي استاد جو ڪتاب شايع ڪرڻ اعزاز جهڙي ڳالهه آهي، ان سان اداري ۽ ملڪ جو نالو روشن ٿيندو، هن چيو ته سندس شايع ٿيل ڪتاب مان مليشيا جي يونيورسٽين ۾ تدريس ۽ تحقيق ڪندڙ اسڪالرز کي مدد ملندي، جڏهن ته ملڪ جي گريجوئيٽس کي به محنت ڪرڻ گهرجي ته جيئن عالمي سطح تي سنڌ ۽ ملڪ جو نالو روشن ٿئي، ان موقعي تي انفارميشن ٽيڪنالوجي سينٽر جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر منصور حيدر ڏيپر، خيرپو ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي جو پرنسپال ڊاڪٽر ابراهيم ڪيريو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.