اوڏيري لال ۾رهواسين جو يوسي سيڪريٽري خلاف احتجاج

اوڏيرولال (ن ع آ) يونين ڪائونسل محمد حسين هنڱورو ۾سيڪريٽري نه اچڻ ڪري رهواسي روزمره  جي ڪمن ڪارين لاءِ سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا آهن، يو سي جي سيڪريٽري خلاف رهواسين قادر بخش ڇٽو، اسماعيل ڇٽو ۽ ٻين احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته هڪ مهيني کان  يوسي آفيس مان سيڪريٽري غائب آهي، جنهن ڪري اسان فوتي سرٽيفيڪٽ، رهائشي سرٽيفڪيٽ ۽ پيدائشي سرٽيفيڪٽ لاءِ سخت پريشاني ٿي ويا آهيون  ۽ روز يوسي آفيس جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي سرٽيفڪيٽن لاءِ دبدر ٿي رهيا آهيون. هنن ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري کان مطالبو ڪيو آهي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي يوسي محمد حسين هنڱورو ۾ سيڪريٽري مقرر ڪري اسان جي پريشاني ختم ڪئي وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ ڊي سي مٽياري آفيس اڳيان احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.