ڀان ۾ ٽائون ڪاميٽي جي صفائي واري ملازمن جو مظاهرو

ڀان سيدآباد ( ن ع آ ) ڀان سيدآباد جي ٽائون ڪاميٽي جي ايڊمنسٽريٽر عبدالرحيم قريشي پاران ملازمن ۽ صفائي واري عملي جون پگهارون جاري نه ڪرڻ سبب ٽائون ڪاميٽي جي صفائي واري عملي پاران احتجاج طور ڪم ڇڏ هڙتال شروع ڪئي وئي آهي، جنهن جي ڪري شهر جي مختلف محلن سبزي منڊي، اسٽيشن روڊ، مينگل محلا، چنا محلا، شورا محلا، لغاري محلا، سخي سيد سليمان شاهه ڪالوني، مهراڻ ڪالوني، شاهي بازار، اسپتال روڊ، ٽائون روڊ سميت ٻين علائقن ۾ روڊن ۽ رستن تي گندگي جا ڍير جمع ٿي ويا آهن، گندگي سبب شهرين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، نالين جي صفائي نه ٿيڻ سبب ڊرينيج جو پاڻي پڻ رستن تي بيهجي ويو آهي، جنهن جي ڪري نمازين کي مسجد وڃڻ دوران مشڪلاتون پيش اچن ٿيون. جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ عبدالرحيم قريشي جنهن وٽ ٽائون ڪاميٽي ڀان سيدآباد جي ايڊمنسٽريٽر جي چارج پڻ آهي پر هو سيوهڻ تائين محدود بڻجي ويو آهي،شهرين عاشق بروهي، ذوالقرنين مينگل، توفيق بروهي، شهزاد جمالي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ڀان سيدآباد شهر کي ايڊمنسٽريٽر حوالي ڪري شهر کي کنڊ رات بڻايو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.