ايڇ آر سي پي پاران کدڙن فقيرن جي حقن جي حاصلات لاءِ گروپ قائم

حيدرآباد (رپورٽر) ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان حيدرآباد ريجن طرفان کدڙن فقيرن جي حقن جي حاصلات لاءِ کدڙن فقيرن جو گروپ تشڪيل ڏيندي کين حڪومت طرفان سندن حقن ۽ تحفظ لاءِ جوڙيل ايڪٽ 2020 بابت آگاھي ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي، جڏھن ته کدڙن فقيرن چيو آھي ته سوسائٽي ۾ فقيرن کي عزت جي نگاھه سان نه ٿو ڏٺو وڃي، پرائيويٽ اسڪولن ۾ کين داخلا به نٿي ملي ۽ فقيرن جي آڙ ۾ ڏوھاري قسم جا ماڻھو شامل ٿي ويا آھن، جيڪي اغوا ۽ ڦرن جون وارداتون ڪن ٿا.  ڪالھ ايڇ آر سي پي حيدرآباد ريجن طرفان کدڙن فقيرن جي حقن بابت جوڙيل ايڪٽ بابت کين آگاھي ڏيڻ لاءِ گڏجاڻي ٿي. ان موقعي تي ايڇ آر سي پي سنڌ جي ڪنوينر پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته ايڇ آر سي پي طرفان پاڪستان ۾ پٺتي پيل طبقي لاءِ جاکوڙيو پيو وڃي. اسلامڪ انٽرنيشنل ڪائونسل فار ھيومن رائيٽس جي اڳواڻ افشان شيخ چيو ته عورتن جي حقن جيان اسان فقيرن جي حقن بابت به جاکوڙي رھيا آھيون. ھن چيو ته فقيرن کي تعليم حاصل ڪري پاڻ کي تبديل ڪرڻو پوندو. غفرانه آرائين چيو ته ايڇ آر سي پي سنڌ جي فقيرن جي حقن لاءِ جاکوڙي رھي آھي، جنھن جي شروعات حيدرآباد ريجن کان ڪئي وئي آھي. ان موقعي تي فقيرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.