قاضي احمد ۾ ايس يو پي جو اجلاس، ٻيٽن بابت جدوجهد جاري رکڻ جو فيصلو

قاضي احمد ( ن ع آ ) سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڀرپور  جدوجهد ڪري رهي آهي اهڙن خيالن جو اظهار ايس يو پي تعلقي صدر رياض ڪاڪيپوٽو پارٽي جي اجلاس کي ڪندي چيو ته سنڌ ڌرتي اسان جي ماءُ آهي جنهن جي ورهاست ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، سنڌ جا ٻيٽ اسان جي ملڪيت آهن جنهن کي وفاق جي قبضي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪبو، وفاق غير آئيني ۽ غير قانوني طريقي سان سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، فوري طور تي صدارتي آرڊيننس واپس ڪيو وجي اجلاس ۾ ٽائون قاضي احمد لاء صدر الطاف لاکو نائب صدر فضل گهلو جنرل سيڪريٽري بادشاھ علي بوزدار جوائنٽ سيڪريٽري گلزار علي انڙ خزانچي گل حسن لاکو کي چونڊيو ويو انموقعي سائين بخش لاکو محمد هارون خاصخيلي شوڪت علي ڌاريجو ء ٻين شرڪت ڪئي.

حيدرآباد ۾ ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيدن جو ڏهاڙو اڄ ملهايو ويندو

حيدرآباد( بيورو رپورٽ ) جيئي سنڌ قومي پارٽي  پاران اڄ ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيدن جو ڏهاڙو ملهايو ويندو. ان سلسلي ۾ پارٽي چيئرمين نواز خان زئور ۽ ٻين اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيدن جي مزارن تي حاضريون ڀريون وينديون۔ ٻئي پاسي پارٽي سربراهه نواز خان زئور چيو آهي ته نيوي اهلڪارن پاران ڏنگي ٻيٽ تي وڃڻ کان روڪڻ وارو عمل ثابت ڪري ٿو ته ڏنگي ٻيٽ تي قبضو ٿي چڪو آهي۔ ان معاملي تي پ پ حڪومت سنڌ جي ماڻھن کي بيوقوف بڻائي رهي۔ اها وفاق سان ٻيٽن کي تين وال ڪرڻ جي سوال تي گڏ آهي۔ . هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جا ماڻهو ڪنهن به قيمت تي پنهنجي ڌرتي تان هٿ نه کڻندا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.