نوري آباد لڳ ٻن ٽرالرن ۾ ٽڪر، ٻه ڄڻا فوت

نوري آباد (ن ع آ) موٽر وي تي لوڻي ڪوٽ ٿقڻي جي حد ۾ ڪراچي کان پنجاب ويندڙ ٻن ٽرالر ۾ زودار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي  نتيجي ۾ رحيم يارخان واسي شيراز احمد ۽ميان والي واسي محمد عرفان موقعي ته زخمن جا سور نه سهندي  فوت ٿي ويا  ۽ هڪ ڄڻو عبدالرحمان سخت زخمي ٿي پيو  فوتي ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو ٽرالر روڊ تي ڪرڻ سبب ڪراچي حيدرآباد روڊ ڪيترائي ڪلاڪ مڪمل طور بند ٿي ويو هزارين گاڏيون ڦاٿل هجڻ ڪري مسافرن کي سخت تڪليف ۽ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي ويو

ڄام صاحب لڳ ڪارنهن الزام ۾ قتل ٿيل عورت جو ڪيس داخل

ڄام صاحب ( ن ع آ ) ڄام صاحب عورت ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٽن جوابدارن خلاف ڪيس داخل،ڏھ ڏينهن اڳ ڄام صاحب لڳ  ڳوٺ بگٽي آباد ۾ ٽن ٻارن جي ماءُ کي سندس مڙس سندس ڀاءُ هڪ رشتيدار سان گڏجي مبينا تشدد جو نشانو بڻائي کيس ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيو،ڄام صاحب ٿاڻي تي سرڪار پاران ايس ايڇ او آصف علي پيچوهو جي فرياد تي ٽن جوابدارن محمد بخش بگٽي، پرويز بگٽي، ۽ فيروز بگٽي مٿان عورت کي قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.