لاڙڪاڻي ۾ کنڀيل ڀائرن جي آزادي لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل لاڙڪاڻي واسي ٻن ڀائرن فراز احمد ۽ شيراز احمد سومرو جي آزادي لاءِ سندن امڙ پريس ڪلب اڳيان  احتجاج ڪيو. ان موقعي تي لاڙڪاڻي شهر جي شاهه آباد پاڙي جي رهواسڻ پيرسن عورت مسمات رحمت خاتون پنهنجي پٽ احد علي سومرو سان گڏجي صحافين آڏو دانهيو ته منهنجا ٻه نوجوان پٽ شيراز احمد ۽ فراز احمد سومرو ڪراچي شهر ۾ گارمينٽس جي فيڪٽري ۾ پورهيو ڪري گهر ڀاتين جو پيٽ پاليندا هئا گذريل 23 آگسٽ تي ڪراچي جي لاسي ۽ وزير ڳوٺ مان ٻنهي پٽن کي بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو جن جو هن وقت تائين ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، پٽن جي کنڀجڻ کان بعد اسين سخت اذيت ۾ مبتلا آهيون. هن چيو ته شيراز احمد ۽ فراز احمد بيگناهه آهن جن جو ڪنهن به سياسي پارٽي سان ڪو واسطو ناهي جيڪي ڪراچي ۾ روزگار جي سلسلي ۾ ويل هئا پر کين کنڀي گم ڪري اسان کان جيئڻ جو به حق کسيو ويو آهي. هن وزيراعظم، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، چيف آف آرمي اسٽاف سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته کنڀي گم ڪيل ٻنهي پٽن کي آزاد ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

راڌڻ مان ناري ميبنا اغوا، ٿرڙي ۾ وارثن جو آزادي لاءِ احتجاج

راڌڻ (ن ع آ)راڌڻ جي رانگڙمحلي مان گذريل رات ديرسان سڪندرخاصخيلي جي ڌيءِ 17ورهين جي سپنا مبينا طور اغوا ٿي گهرڌڻين ناري  جو پيءُ سڪندر خاصخيلي، ڀيڻ تهمورا ۽ ڀاءُ نياز علي خاصخيلي پريس ڪلب ٿرڙي محبت پهچي راڌڻ پوليس خلاف سخت احتجاج ڪيو. هنن چيو ته رات دير سان  رانگڙ محلي ۾ ٿرڙي محبت ڀرسان ڳوٺ پنهل خان چانڊيو جي مائٽن هٿيارن جي زورتي گهر۾ داخل ٿي گهرڌڻين کي يرغمال بڻائي سپنا کي اغوا ڪيو جڏهن ته واقعي بعد اسان دانهون ۽رڙيون ڪيو پاڙي وارا گڏ ٿي ويا ۽بعد ۾ راڌڻ پوليس کي اطلاع ڪرڻ بعد پوليس  پنج ڄڻن تي وقارخاصخيلي، دلڻ خاصخيلي، لال الدين عرف لالو خاصخيلي، صدام خاصخيلي، وسيم خاصخيلي خلاف اين سي داخل ڪرائي پر پوليس بااثر هجڻ ڪري جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري.  هنن چيو ته اسين غريب آهيون ۽ هو بااثر آهن، جنهن سبب پوليس به اسان جي نه پئي ٻُڌي. هنن ايس ايس پي دادو ۽ ٻين وس واران کان مطالبو ڪيو ته اغوا ٿيل نياڻي سپنا کي بازياب ڪرائي جوابدارن تي ايف آءِ آر داخل ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

ڪوٽڙي ۾ وياج جا پئسا نه ڏيڻ تي نوجوان تي تشدد، اغوا، جوابدار گرفتار

ڪوٽڙي ( ن ع آ )وياج جي رقم نه ڏيڻ تي وياج خور پٺاڻن پاران نوجوان کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو ، نوجوان  پرويز مسيح کي وياجي روزي خان پٺاڻ، عامر خان، ابراهيم ۽ ٻيا تشدد ڪري مبينا اغوا ڪري وڃي رهيا هئا ته شهرين کيس ڇڏائي ورتو.اهڙي اطلاع تي پوليس موقعي واري هنڌ پهچي مبينا اغوا ڪندڙن کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي آندو،ٿاڻي اندر جوابدارن کان پڇا ڪرڻ تي انهن ايس ايڇ او مشتاق جتوئي تي به حملو ڪري ڏنو. ايس ايڇ او جو چوڻ آهي ته معاملي بابت جوابدارن کان پڇا ڪيم ته انهن چيو تون ڪير ٿيندو آهين اسان ک پڇا ڪرڻ وارو، ايئن چئي هنن مون تي حملو ڪري ڏنو،جوابدارن جي جهيڙي بعد پوليس وڌيڪ نفري گهرائي کين لاڪ اپ ڪري ڇڏيو.

جهڏي ۾ اغوا ٿيل نينگر وجهه وٺي ٿاڻي تي پهچي ويو

جهڏو( ن ع آ ) ڳوٺ محسن خان چانڊيو واسي 13 ساله نينگر عبدالغفور چانڊيو ڏيڍ مهينو اڳ ساماري شهر مان گم ٿي ويو هو، ان سلسلي ۾ ميڊيا سينٽر جهڏو تي نينگر عبدالغفور، ۽ سندس والد غلام حيدر چانڊيو صحافين کي ٻڌايو ته منهنجا 3 پٽ جيمس آباد جي مدرسي ۾ پڙهڻ ٿا گذريل عيد جي موڪلون ختم ٿيڻ بعد هو جمس آباد وڃي رهيا هئا ته منهنجا 2 پٽ ننڍڙي عبدالغفور کي سامارو بس اسٽاپ تي ويهاري شهر ۾ ٽوپيون وٺڻ ويا، جتان اسان جي برادري جي ماڻهن ننڍڙي عبدالغفور کي ڪاري رنگ جي ڪرولا ڪار ۾ ويهاري نشو ڏئي بيهوش ڪري کڻي ويا،  نينگر عبدالغفور چانڊيو چيو ته اسان جي برادري جي 4 جڻن ۽ هڪ نامعلوم ماڻهو مونکي زبردستي ڪار ۾ ويهاري جوس پياريو جنهن بعد آئون بيهوش ٿي ويس، ڄاڻايل ماڻهو مونکي حيدرآباد کڻي ويا ۽ بعد ۾ ڪراچي وڃي مونکي نامعلوم ماڻهو حوالي ڪري ڇڏيو جيڪا مونکي لاڙڪاڻي کڻي ويو، هن چيو ته نامعلوم ماڻهو مونکي لاڙڪاڻي جي ٻهراڙي واري علائقي ۾ کڻي ويو جتي هن مون کي هڪ ڪمري ۾ قيد ڪري رکيو ۽ مسلسل تشدد ڪندو هو، جتان هفتو اڳ آئون وجهه وٺي نڪري لاڙڪاڻي شهر پهچي ويس شهر ۾ آئون هڪ گاڏين واري شوروم تي پهتس جتي شهرين منهنجي تصوير شوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي، اهڙي خبر پوڻ تي منهنجو والد لاڙڪاڻي پهچي مونکي اتان ڳوٺ وٺي آيو،

سرحد ۾ اهلڪارن جو نوجوان کنڀي وحشياڻو تشدد، احتجاج

گهوٽڪي (ڊ ر)سرحد پوليس طرفان بناجواز نوجوان سبحان مهر کي کنبي سخت تشدد ڪرڻ خلاف نوجوان جي وارثن لال مهر، سڪندر مهر ۽ ٻين احتجاج ڪندي  چيو ته سرحد بااثر وڏيرن جي چوڻ تي بلاجواز کنبي سخت تشدد ڪري ٿاڻي اندر قيد ڪري ڇڏيو آهي، تشدد سبب نوجوان جي حالت تمام خراب ٿي وئي آهي. ان موقعي تي نوجوان جي وارٽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان انصاف جي گهر ڪئي.

نوشهري ۾ ڳوٺاڻي جو نينگري جي اغوا خلاف احتجاج

نوشھروفيروز(ڊ ر)عورت ۽ معصوم نينگري جي اغوا خلاف ڳوٺاڻي جو احتجاج، جوابدارن کي گرفتار ڪري اغوا ٿيل نياڻي ۽ معصوم نيگري بازياب ڪرائي ڏني وڃي. ڳوٺ راول سولنگي جو رهواسي ميھر   علي سولنگي احتجاج ڪرڻ بعد صحافين کي ٻڌايو ته 12 مهينا اڳ جوابدار خادم حسين نڪاح نامون داخل ڪرايو ھو ته مسمات امينه منھنجي زال آھي جيڪا ڳالھ برادري ۾  ڪوڙي ثابت ٿي ۽ وري هڪ دفعو ٻيهر هن ڪورٽ ۾ ڪوڙو نڪاح نامون داخل ڪرايو جيڪو سيشن ڪورٽ سڳوري ڪوڙو ڄاڻائي خارج ڪري ڇڏيو. هاڻي 4 ڏينهن اڳ خادم حسين، زاهد، سڪندر، نثار ۽ رضوان سولنگي گهر تي حملو ڪري مسمات امينه ۽ ڇھ سالن جي ننڍڙي  ملوڪان کي زبردستي اغوا ڪري کڻي ويا آهن جنهن جي اغوا جي ايف آءِ آر داخل ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي پر هن مهل تائين جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو ويو. هنن چيو ته جوابدار ڪورٽ جي پروٽيڪشن هجڻ باوجود ڇوڪري اغوا ڪري کڻي ويا آهن ڪالهه وري جوابدارن اسان جي گھر تي ٻيهر حملو ڪيو آھي ان حملي جي اين سي ڪٽرائڻ نوشھروفيروز ٿاڻي تي آيا سين ته ايس ايڇ او نوشھروفيروز چيو ته توهان جي اڳ ئي ايف آءِ آر داخل ٿيل آهي وڌيڪ ڊرامان نه ڪيو. هنن وزيراعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظيرآباد ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز کان مطالبو ڪيو ته اغوال ٿيل عورت ۽ معصوم نينگري کي بازياب ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي انصاف ڏياريو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.