ميرپورخاص ۾عورتن کي هراسان ڪندڙ جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص جي علائقي جمنا داس ڪالوني ۾ وحشي صفت نوجوان پاران ڪاليج ويندڙ شاگردياڻين ۽ گھر  جي ڪم ڪار سان روڊ تان لنگھندڙ عورتن سان فعش حرڪتون ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار کي پوليس ڪيس  داخلهجڻ جي باوجود پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي پوليس پاران جوابدار کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيڻ تي شهر جي سياسي سماجي مذهبي ڌرين سميت عوام ۾ سخت تاءُ پکڙيل آهي . ان حوالي سان علماءُ ايڪشن ڪاميٽي جي مولانا حفيظ الرحمٰن فيض مذمت ڪندي عورتن کي جنسي حراسان ڪندڙ وحشي نوجوان کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏيڻ جومطالبو ڪندي چيو آهي ته عورتن کي جنسي حراسان ۽ نازيبا حرڪت ڪندڙ جوابدار جي عدم گرفتاري تي عوام ۾ سخت تاءُ ڦهليل آهي پوليس ۽ بااثرن جي پشت پناهي سبب اهڙن واقعن ۾ واڌ ايندي جيڪڏهن اهڙي وحشي نوجوان کي جيل جي سلاخن جي پويان نه موڪليو ويو ته انهي جا اڳرا نتيجا نڪري سگھن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.