ڏوڪري ۾ مختيارڪار آفيس تي پوليس ڪاهه، سپروائيزر گرفتار

ڏوڪري (ت ر)ڏوڪري ۾ مختيارڪار آفيس تي پوليس ڪاهه ڪري لکين رپين جا ڪوڙا چيڪ ڏئي مبينا طور  فراڊ ڪرڻ جي الزام ۾ سپروائيزر گرفتار ڪري کنڀي کڻي وئي ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن ڏوڪري جي ويهڙ ٿاڻي جي پوليس ڏوڪري  مختيار ڪار آفيس تي ڇاپو هڻي روينيو کاتي  جي سپر وائيزر علي نواز جوڻيجو کي گرفتار ڪري کنبي کڻي وئي آهي  پوليس جي ڇاپي دوران روينيو ملازمن ۾ ٿرٿلو مچي ويو جڏهن ته آفيس ۾ موجود ماڻهن ۾ افراتفري مچي وئي چيو وڃي ٿو لکين رپين جا ڪوڙا چيڪ ڏئي فراڊ ڪرڻ جي الزام هيٺ سپروائيزر کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته امتياز ملاڻي جي فرياد تي سپروائيزر علي نواز جوڻيجو کي گرفتار ڪيو ويو آهي فريادي جو جو چوڻ آهي ته ڪجهه وقت اڳ سپروائيزر علي نواز جوڻيجو اسان کي 8 جريب  زرعي زمين وڪرو ڪري ڏني هئي جنهن جي هو پڪي لکت ڪري ڏيڻ کان لنوائي رهيو هو زور ڀرڻ تي هن اسان کي لکين رپين جا ڪوڙا چيڪ ڏنا آهن جيڪي بينڪ مان ميمو لڳائي رکيا ويا آهن هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته فراڊ ڪري  سپروائيزر اسان جا لکين روپيا هڙپ ڪري ويو آهي نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي . هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته علي نواز جوڻيجو کي گرفتار ڪيو ويو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيو. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي گرفتار ٿي علي نواز جوڻيجو جو چوڻ هو ته مون ڪوبه فراڊ نه ڪيو آهي الزام اجايا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.