بخشاپور ۾جوابدار ڪارنهن الزام ۾ زال قتل ڪري ڇڏي

بخشاپور( ن ع آ )  ۾ ڪارنهن الزام ڏئي مڙس زال کي بندوق جا فائر قتل ڪري ڇڏيو ،جوابدار فرار پوليس ڳوٺ پهچي مقتول عورت جو لاش کڻائي آئي  ،  ڳوٺ لائق خان جکراڻي ۾ نور الدين جکراڻي  پنهنجي نوجوان زال   25  سالن  جي نمرزي خاتون تي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪرڻ بعد  فرار ٿي ويو اهڙو اطلاع ملڻ بعد بخشاپور پوليس واقعي واري ھنڌ  پهچي مقتول عورت جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪاروائي بعد پوسٽ مارٽم لاء تعلقه اسپتال ڪشمور منتقل ڪري ڇڏيو جتي ميڊيا جي نمائيدن  آڏو دانهيندي مقتول عورت جي وارث عورتن پنهنجو نالو نه ٻڌايندي  چيو ته نمرزي خاتون کي سندس جي مڙس نورالدين جکراڻي  بندوق جا فائر ڪارنهن الزام ڏئي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو آھي  جنهن جو اطلاع اسان بخشاپور پوليس کي ڏنو آھي ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او بخشاپور صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته مقتول عورت جو لاش ضروري ڪاروائي  لاء تعلقه اسپتال ڪشمور موڪليو آھي وارثن جي اچڻ بعد مقتول عورت جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.