قاضي احمد لڳ ٻن دڪانن مان چوري

قاضي احمد ( ن ع آ ) قاضي احمد ۾ چور سرگرم کاٽ ھڻي لکين روپيا کڻي ويا وچ  شھر مان ٻن دڪانن ميڊيڪل اسٽور ۽ اليڪٽرڪ جي دڪان کي کاٽ ھڻي لکين روپيا روڪ رقم ۽ سامان چوري ڪري فرار. دمائي ميڊيڪل اسٽور ۽ سپر دمائي جنرل  اسٽور جي انچارج ڀاڳچند ميڊيا کي ٻڌايو ته چورن اسان جي دڪانن کي پويان کان کاٽ ھڻي دڪان ۾ پيل روڪ رقم تقريبن 5 لک 20 ھزار روپيا چوري ڪري فرار ٿي ويا اسان دڪان کوليو ته دڪان کي پويان کان کاٽ لڳل ھو ۽ رقم چوري ٿيل ھئي. جڏھن ته دڪاندار جاويد سيال ٻڌايو ته منھنجي اليڪٽرڪ جي دڪان کي نامعلوم چورن پويان کان کاٽ ھڻي دڪان مان 4 آيل اين بيون ۽ 4 رسيور ۽ 80 ھزار روپيا روڪ رقم چوري ڪري فرار ٿي ويا. دڪاندارن موجب پوليس اسان کي 24 ڪلاڪن اندر چوري ٿيل رقم ۽ سامان واپس ڪرائڻ ۽ چورن کي ھٿ ڪرڻ لاء گھريا آھن ھوڏانھن  دڪاندارن پاران مطالبو ڪيو آھي ته اسان جي دڪانن مان چوري ٿيل رقم ۽ سامان واپس ڪرائي ڏنو وڃي هوڏانهن پوليس جو چوڻ آھي ته چوري ۾ ملوث چور جلد گرفتار ڪبا پر شھر جو چوڪيدار به آجو ناهي سندس کان پڻ جاچ ڪئي ويندي.

عمران حڪومت عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: ڊاڪٽر لال چند

ٿاڻوبولاخان ( ن ع آ )  نيازي حڪومت عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي مھانگائي بيروزگاري سبب عوام پريشان آھي پي ٽي آءِ  حڪومت پنھنجي ناقص پاليسين سبب ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آھي  عمران خان کي ڪرسي ڇڏي گھر وڃڻ گھرجي اھڙن خيالن جو اظھار پ پ ايم پي اي منارٽي ونگ سنڌ جي صدر ڊاڪٽر لال چند اڪراڻي ٿاڻو احمد خان اڪراڻي ھائوس  تي 18 آڪٽومبر بابت پارٽي ورڪرن سان گڏجاڻي ۽ صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو ھن چيو ته 18 آڪٽومبر تي ڪراچي ۾ پ پ چيئرمين  بلاول ڀٽو زرداري جي جلسي ۾ عوام جو سمنڊ اٿلي پوندو . نيازي حڪومت جون وايون بتال ٿي وينديون ھن چيو ته 18 آڪٽومبر ڪارساز سانحي واري بلاول ڀٽو زرداري جي جلسي ۾ اپوزيشن جماعتون پڻ شريڪ ٿينديون  عمران خان   نيازي کي گھر وڃڻو پوندوآصف زرداري بيماري باوجود عدالت ۾ پيش ٿيندو رھيو آھي پوءِ گرفتاري جا ڪھڙا سبب آھن  نيازي حڪومت پ پ قيادت تي انتقامي ڪاروايون ڪري رھي آھي سندس ناڪام حڪومت جا ڏينھن ڳڻجي چڪا آھن

سڪرنڊ ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج

سڪرنڊ ( ن ع آ ) ايس ٽي پي تعلقه سڪرنڊ پاران ايس ٽي پي ضلع صدر نوابشاهه نثار احمد ڪيريو ۽ ٻين ڪارڪنن تي نوابشاهه پوليس پاران ڪيس داخل ڪرڻ خلاف سڪرنڊ ميڊيا سينٽر چوڪ  تي احتجاجي مظاهرو ڪري نٽهڻ اس ۾ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن ايس ٽي پي تعلقه سڪرنڊ جي صدر ايوب کوسو، عبدالقادر جيلاني ، گلزار انڙ ، بابو ٻرڙو، گلبهار ٻگهيو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ايس ٽي پي اڳواڻن تي ٻيٽن بابت آواز اٿارڻ جي سزا ڏئي نوابشاهه پوليس پرامن ڪارڪنن تي ڊيوٽي اٽڪاءَ جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي قبضن خلاف ايس ٽي پي پنهنجو ڀرپور نموني ڪردار ادا ڪندي رهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.