قمبر ۾ عورت سان ڏاڍائي جو جرڳو، 16 لک ڏنڊ

قمبر( رپورٽ: محمود شيخ  )  جي ڳوٺ ڇڄڙا ۾ ڪجهه مهينا اڳ ڏاڍائي جو شڪار بڻيل ياسمين ميمڻ جو فيصلو ٿي ويو جوابدار ڌر جي عقيل  ڇڄڙو مٿان 16 لک ڏنڍ ۽ ٽي سال ڳوٺ کان نيڪالي جي فتوا جاري ڪئي وئي،قمبر جي ايم پي اي نواب سردارخان چانڊيو جي سرپنچي ۾سندس جي رهائشگاهه گڙتل ۾ فيصلو رکيو ويو هو جتي ڌرين ميمڻ ۽ ڇڄڙن جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد اهڙي فتوا جاري ڪئي وئي،قمبر جي ڳوٺ ڇڄڙا جي رهواسڻ ياسمين ميمڻ سان زيادتي ڪندڙ جوابدارن مٿان قمبرسٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو هو جنهن ۾ناري ڄاڻايو هو ته ٽن جوابدارن مون کي يرغمال بڻائي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو جنهن ۾ مک جوابدار عقيل ڇڄڙو،معين احمد،فائز اسلم ڇڄڙو ڄاڻايا ويا هئا جڏهن ته فيصلي ۾معين احمد ۽ فائز اسلم ڇڄڙوبيگناهه ثابت ٿيا،فيصلي ۾ڏنڍ جي رقم ٻن قسطن ۾ ڏني ويندي ڌرين کي پابند بڻايو ويو ته پنهنجا ڪيس واپس وٺي کير کنڊ ٿي وڃن،،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.