ٿر ڪول ۾پورهيتن سان ظلم، سخت بخار باوجود موڪل نه ملڻ تي نوجوان روئي ويٺو!

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ٿرڪول بلاڪ ون تي ڪوئلي جا حقيقي وارث ماڻهو دربدر ٿي ويا آهن،ڄاڻايل بلاڪ ون تي انڌهيرنگري جي حد ٿي ويئي آهي،جنهن سبب نوڪرين ۾ مقامي نوجوانن کي مڪمل طور  تي نظرانداز ڪرڻ بعد ڏهاڙي واري مزدوري بہ ٿرين کي ملڻ مشڪل ٿي پئي آهي، هڪ پورهيت بيمار ٿيڻ باوجود موڪل نہ ملڻ تي روئي پيو،بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ ڪيترائي ڊمپر ڊرائيور بخار سميت مختلف بيمارين ۾ مبتلا هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي،مليل رپورٽن موجب تہ مختلف ملازمن جي بيماري سانگي بہ موڪل نہ ٿي ٿئي،مليل رپورٽن موجب تہ بيمار ٿيندڙ ڊمپر ڊرائيورن سميت ٻين کي موڪل تہ ٺهيو پر ٻاهر نڪرڻ جي بہ ڪا اجازت نہ ٿي ڏني وڃي، مليل رپورٽن موجب تہ اُتي ڪم ڪندڙ مختلف ڪمپنيون پنهنجي من مستي ۽ ڏاڍ ذريعي عام ماڻهن کي لفٽ ڪرائڻ لاءِ تيار ناهن،ذريعن کان معلوم ٿيو آهي تہ من پسند ماڻهن کي روزگار تي لڳايو پيو وڃي،جڏهن تہ روزگار ڏيڻ تہ ٺهيو پر ڏهاڙي واري مزدوري ۽ ڊمپرن تي ڊرائيونگ ڪندڙ مقامي پورهيتن کي تنگ ڪري ڪڍڻ لاءِ تنگ ڪيو پيو وڃي.  ۽ انهن مزدورن کي موڪل بہ نہ ٿي ڏني وڃي،جنهن سبب اُهي شڪايتون عام ٿي ويون آهن ۽ ڊمپر ڊرائيور توڙي ٻئي مزدوري ڪندڙ پورهيت موڪل نہ ملڻ ڪري مختلف وقتن تي سخت احتجاج ڪندي نظر اچن ٿا پر اندر انتظاميا ويتر پريشرائيز ڪري اُنهن کي خاموش ڪرايو ڇڏي ٿي،جنهن سبب غريب نوجوان بلاڪ اندر ڦاٿل آهن،جن کي ڪنهن پاسي نڪرڻ بہ نہ ٿو ڏنو وڃي،جيڪي دانهون ڪندي نظر اچن ٿا،پر ڪير بہ دانهن ٻُڌڻ وارو ناهي،مليل رپورٽن موجب تہ اُتي بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين ملازمن جون موڪلون بند ڪري ڇڏيون آهن،بيمار سانگي بہ اُنهن کي ڇڏيو نہ ٿو وڃي،جنهن سبب صورتحال خراب ٻُڌائي وڃي ٿي.

انتظاميا اسان سان ڪارو ظلم ڪري رهي آهي: پورهيت

مٺي : مختلف ملازمن نالا ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻُڌايو ته اسان سان هتي ڪارو ظلم هلي رهيو آهي،بيمار ٿيڻ تي موڪل نہ ٿي ملي،  ڪمپنيون ظلم ڪري نوڪرين مان ڪڍڻ چاهين ٿيون،اسان سان ڪارو ويل آهي،ڪير دانهن نہ ٿو ٻُڌي،اچي ڪير انڌر حالت ڏسي تہ خبر پئجي ويندي هتي حالت آهي ڇا،صفا انڌيرنگري هلي پئي،نوٽيس ورتو وڃي ۽ ميڊيا ٽيمن کي اندر موڪلي صورتحال بابت رپورٽ ڪئي وڃي.

درخواستون وصول ڪرڻ لاءِ آفيس قائم نه ٿي، مقامي ماڻهو دربدر

مٺي:بلاڪ ون تي ڊمپرڊرائيورن سميت مختلف پوسٽن تي انٽريو ۽ درخواستون وصول ڪرڻ لاءِ اڃا تائين ڪابہ آفيس قائم نہ  ٿي،جنهن سبب ٿر واسي درخواستون کڻي ڀٽڪندي نظر ٿا اچن، ملڪ جي وڏي ۾ وڏي منصوبي تي انتظامي ليول تحت ڪوبہ سسٽم نظر نہ ٿو اچي، مقامي بيروزگار نوجوانن جي رابطن توڙي آگاهي مهم لاءِ بہ آفيسر مقرر ناهي ٿي سگهيو،جنهن سبب ڪنهن کي ڪا خبر نہ ٿي پوي تہ درخواستون ڏيڻ سميت ڪنهن سان رابطو ڪجي،هتان جا ماڻهو سخت پريشاني ۾ ورتل آهن.

بلاڪ ون جي مئنيجمينٽ ڪيڊر سميت ننڍين پوسٽن تي پڻ ڌاريا قابض

مٺي:بلاڪ ون جي مينيجمينٽ ڪيڊر سميت ننڍين پوسٽن تي پڻ ڌاريا قابض ٿي ويا،مقامي ماڻهن لاءِ رهيل روزگار جا دروازا بہ بند ٿي  ويا آهن،سڄو نظام اُبتو هلڻ ڪري ڪير ڪنهن کي ڪجھ چوڻ وارو نظر نہ ٿو اچي،بلاڪ اندر ڪڏهن بہ ڪنهن ميڊيا ٽيم سميت باقي عام ماڻهن جي انٽري بہ بند پيل آهي،ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بہ مقرر ٿيل ناهي،جنهن سبب هلندڙ ڪم سميت پيش ايندڙ واقعن تي ڪوبہ ڪمپنين جو موقف سامهون اچي نہ ٿو سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.