سکر ۾ مرچ ۽ مصالح ٺاهيندڙ فيڪٽرين تي ڇاپا، غيرمعياري سامان هٿ

سکر( رپورٽ:اظهر علي دايو) سکر ۾ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جاڳي پئي، مرچ ۽ مصالحه ٺاهيندڙ ٻن فيڪٽرين تي ڇاپا، غي معياري سامان هٿ،  فيڪٽريون سيل، خبرموجب وزير اعظم پاڪستان عمران خان پاران عام واهپي جي شين ۾ ملاوٽ ڪندڙن خلاف ڪاروايون ڪرڻ لاءِ جاري ڪيل هدايتن بعد نيٺ فوڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي سکر جي انچارج عائشه جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ سکر جي گوليمار واري علائقي ۾ قائم مرچ ۽ مصالحن جي فيڪٽرين تي ڇاپا هنيا، ڇاپي دوران غير معياري مصالحه ٺاهڻ تي ٻنهي فيڪٽرين کي سيل ڪيو ويو آهي.  ان ڏس ۾ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي سکر جي انچارج عائشه جوڻيجو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٻنھي فيڪٽرين ۾ چوڪر ۽ زھريلي ڪيميڪل جي ذريعي مرچ ٺاھيا پئي ويا غير معياري مرچ ٺاھيندڙ فيڪٽرين مٿان ڏنڊ به وڌو ويو آهي، غير معياري مرچ سکر سميت ٻين شھرن ۾ وڪرو ڪيا وڃن ٿا. مرچن جا سيمپل ورتا آهن جيڪي چڪاس لاءِ ليبارٽري اماڻيا ويندا. عائشه جوڻيجو چيو ته فيڪٽرين اندر صفائي سٿرائي جا به ناقص انتظام ھئا، مرچن جي معيار کي ڏسي محسوس ٿي رهيو  آھي ته  ھي مرچ انساني حياتين لاءِ انتھائي هاڃيڪار آھي. عائشه جوڻيجو جو چوڻ ھو ته  فيڪٽرين ۾ موجود ڀوسو ۽ چوڪر به ضبط ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.