مانجهند لڳ ٻن ڪارن ۾ ٽڪر، هڪ فوت، 7 زخمي

مانجهند  ( ن ع آ ) ٽوڙي ڦاٽڪ انڊس هاءِ  وي تي ٻن  ڪارن آمهون سامهون  ٽڪر جي نتيجي ۾ 50  ورهين جو ڪراچي واسي  نيوي اهلڪار  سردار بهادر پٺاڻ  موقعي تي فوت ٿي ويو،  جڏهن ته سندس پٽ   فيصل پٺاڻ ماروثا، بي بي جڏهن ته ٻي ڪار سوار35  ورهين جي زهران بٽو، نورجهان ممتاز علي،   ٻارڙا مزمل علي نواز  منان ۽ ٻيا زخمين ۾  شامل آھن،  جن کي مقامي ماڻھن تعلقي  اسپتال مانجهند منتقل ڪيو جتي 4 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کين سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو مانجهند پوليس ڪارن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو  .

آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.