چمبڙ ۾ احساس ڪفالت سينٽر تي پيرسن عورت فوت

چمبڙ( ن ع آ )  احساس ڪفالت سينٽر تي رجسٽريشن فارم ڀرائڻ لاء آيل يوسي دادخان جروار جي ڳوٺ چمبڙ ويجھي ڀنڀري کوھ واسڻ  70 ورھين جي پيرسن آمنه زال طالب اوٺو سينٽر تي عورتن جي رش سبب سندس ساھ ٻوساٽجڻ جي ڪري پيرسن آمنه اوٺو ٿڏي تي فوت ٿي وئي جنھن کي سندس ساڻ ڪري آيل ڳوٺاڻا کڻائي خانگي ڪلينڪ ۾ کڻائي ويا جتي ڊاڪٽر موت جي تصديق ڪئي . سينٽر انچارج ٻڌايو ته اسان گذريل 10 ڏينھن کان رجسٽريشن لاء ايندڙ عورتن کي ٻڌائي رھيا آھيون ته روزانه ھر يوسي واسين جي الڳ الڳ تاريخن تي رجسٽريشن ٿي رھي آھي اڄ به يوسي درياخان واسين جو نمبر ھيو تنھن باوجود به تعلقي جي ٻين يوسين جون سيون عورتون آيل ھيون .

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.