لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي ڪتن 4 نينگرين ۽ هڪ عورت سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، وڌيڪ 4 نينگرين ۽ هڪ عورت سميت 8 ڄڻن کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن ۾ 4 سالن جي نينگري شيرين ڌيءَ محمد اسلم، 7 ورهين جو  نينگر پپن پٽ الطاف حسين، 12 سالن جي نينگري فرحانه ڌيءَ غلام حيدر، 12 سالن جي نينگري نجمه ڌيءُ سڄڻ، 17 سالن جو نوجوان امير حسين پٽ سبحان علي، 32 سالن جو محرم پٽ ٻڍل، 55 سالن جو پيرسن ياسين پٽ غلام محمد ۽ 65 سالن جي پيرسن نسيم خاتون زال ظفر علي شامل آهن جن کي سندن وارثن ڌار ڌار کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز سينٽر آندو جتي کين ڪتي چڪ کان بچاءُ جي ويڪسين لڳائڻ سان گڏ ضروري علاج پڻ ڏنو ويو. ان حوالي سان سينٽر انچارج ٻڌايو ته ڪتي چڪ سبب زخمي ٿيل متاثرن جو واسطو لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس وارن علائقن سان آهي جن کي بروقت ويڪسين ڏيڻ سان گڏ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.