ڳڙهي حسن ۾ نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو

ڳڙهي حسن (رپورٽ: پرويز سرڪي )ڳڙهي حسن ڌوئا محلا ۾ 10 ڏينهن اڳ 30 سالن جي نوجوان مبارڪ علي ڌوئو کي تيزدار اوزار سان ڪهي بيدردي سان قتل ڪيو ويو جنهن جا اصل قاتل گرفتار نه ڪرڻ ۽ ڪيس کي  ڪمزور ڪرڻ خلاف  ايس ٽي پي اڳواڻ پرويز شاهه غلام رباني سرڪي، معشوق علي پهنور لالو لاشاري،  سياسي سماجي اڳواڻن ۾ بگن شاهه بخاري عمران سرڪي، ادريس سرڪي، بشير سرڪي صدرالدين سرڪي، غلام نبي سرڪي، امداد ڌوئو، اصغر سرڪي، محمد علي پهنور، موسي سرڪي مقتول جو سئوٽ سهڻو ڌوئو شوڪت ڌوئو، جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي بلوچستان سنڌ جي باڊر سميت ٺل جيڪب آباد روڊ بند ڪيو ۽ ڌرڻي ۾ شرڪت لاءَ ايس يو پي ضلعي جيڪب آباد جي اڳواڻ جمال جوش شرڪت ڪئي ڌرڻو مڪمل ٽن ڪلاڪن تائين برقرار رهڻ سان ٽريفڪ معطل رهي ۽ ڌرڻي ۾ ڊي ايس پي ڳڙهي حسن جاويد سومرو پهچي ٻن ڏينهن اندر جوابدار گرفتار ڪرڻ جي خاطري بعد ختم ڪيو ويو . هوڏانهن ڌرڻي کي خطاب ڪندي جمال جوش چيو ته شهيد مبارڪ علي ڌوئو  کي بيدردي سان قتل ڪري ڪهي قتل ڪرڻ هڪ دردناڪ واقعو آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي هن چيو ته هن مظلووم جي خون سان انصاف ڪرڻ بدران ڳڙهي حسن پوليس ان جي خون کي لوڙڻ چاهي ٿي ۽ جوابدارن مٿان ڪک رکي ٿي مسڪينن سان ناجائزي ڪري ٿي ۽ ڪمداري ڪرڻ ۾ پوري آهي هن چيو ته افسوس سان اڄ ايم پي اي ڳڙهي حسن جي ڳوٺ جا مسڪين ماڻهون انصاف لاءِ روڊن تي ڏسي اکيون رت جا ڳوڙها روئين ٿيون  ته ايم پي اي صاحب ڪاٿي آهن چيو ته سپريم ڪورٽون ۽ اعلي ادارا نوٽيس وٺي مظلوم سان انصاف ڪيو وڃي ۽ عمران سرڪي، پرويز شاهه موسي سرڪي، بشير سرڪي، غلام رباني، ۽ ٻين چيو ته افسوس اڄ ڳڙهي حسن پوليس 10 ڏينهن گذرڻ باوجود به اصل جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي ۽ مقتول جون ٽيسٽون به نه ڪرائي سگهي آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي ۽ انساني حقوق جو تنظيمون نوٽيس وٺي شهيد مبارڪ ڌوئو جي خون سان انصاف ڪري اصل قاتلن کي سزا ڏياري وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.