غربت جو عالمي ڏينهن

سال جي 365- ڏينهن مان لڳ ڀڳ هر ڏينهن کي سموري دنيا ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ملهائيندي آهي جنهن جو مقصد انساني سماج کي ان مخصوص مسئلي کان آگاهي ڏيڻ هوندو آهي، عوام جو شعور ۽ سوچ، سمجهه مٿانهين ڪري ان مسئلي جي حل لاءِ ڪيترائي رستا ڪڍبا آهن، دنيا ۾ اهڙي روايت خاص ڪري گڏيل قومن جي اداري جي وجود ۾ اچڻ بعد شروع ٿي آهي جنهن کي هاڻي تقريبن سڄي دنيا پنهنجو ڪري ورتو آهي، اهو ئي سبب آهي جو ميڊيا جي سيڪشن ۾ به هر ٻئي ڏينهن اهڙين سرگرمين متعلق خبرون اينديون رهنديون آهن.

سڄي دنيا ۾ غريب جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ سڄي دنيا ۾ غربت جي خاتمي لاءِ بين الاقوامي سطح جا سيمينار ۽ مذاڪرا ڪرايا ويندا، جڏهن ته دنيا جي هر ملڪ ۾ پڻ ڪيتريون ئي تقريبون ٿينديون، جن جو مقصد به لڳ ڀڳ ساڳيو ئي هوندو، انهن سمورين تقريب جي منعقد ٿيڻ بعد ساڃاهه وند ماڻهن جي ذهنن ۾ هڪ ئي سوال گردش ڪري اٿي ٿو ته ڇا ، ” دنيا ۾ غربت جو عالمي“ ڏينهن ملهائڻ سان دنيا ۾ موجود غربت ۾ ڪا ڪمي واقع ٿي سگهندي؟

اهڙي سوال جو سولو جواب رڳو هڪ ئي آهي ته ، ”نه“، ها پر هڪڙي ڳالهه ضرور آهي ته ان ڏينهن جيڪي تقريبون ٿينديون آهن اهي تقريبون دنيا جي ناخدائن ۽ وس وارن جي ڌيان تي اها ڳالهه ضرور آڻي سگهنديون آهن ته اڄوڪي دنيا سندن جي پئسي ڪمائڻ جي حرص ڪري بي انتها تڪليفن ۾ آهي، اڄوڪي دنيا جو عوام اوهان جي حڪمراني ڪرڻ جي لالچ ڪري انتهائي تڪليفن ۾ آهي، اوهان جيڪڏهن سماج ۾ وڌ ۾ وڌ پئسي ڪمائڻ جي روين کي ترڪ ڪريو ۽ عوام تي بي جا حڪمرانيءَ جون ڪوششن کي ترڪ ڪريو ته هوند دنيا جنت سمان بڻجي وڃي.

اڄوڪي تاريخ ۾ دنيا ۾ تقريبا 8- ارب انسان رهن ٿا، جن مان 99.9 سيڪڙو عوام غربت جي گهاڻي ۾ پيڙجي رهيو آهي گذريل ڏينهن جي رپورٽ آهي ته سڄي دنيا جي اسي سيڪڙو ڌن ۽ دولت جا مالڪ دنيا جا تقريبن 2500 خاندان آهن ۽ مجموعي طور تي انهن خاندانن جي ئي دنيا جي سمورن ملڪن تي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان حڪومت آهي، ۽ انهن جي حڪمرانيءَ جو هٿيار معيشت آهي، جنهن کي هو سياست تي ضابطو قائم رکڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن ۽ دنيا تي حڪومت ڪندا آهن.

مٿي ذڪر ڪيل صورتحال سموري دنيا جي معاشي ۽ سياسي چرپر جو هڪ ننڍڙو منظر نامو پيش ڪرڻ لاءِ بيان ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سڄي دنيا جو اڪثريتي عوام غربت ڪري جيڪا انتهائي تڪليف واري زندگي گذاري ٿو ان جو بيان ڪرڻ محال آهي.

غربت جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان جيڪڏهن پاڪستان جي ڳالهه ڪنداسين ته صورتحال انتهائي ڳنڀير آهي، پاڪستان ۾ سياست جي ڌڻين پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ هر اهو ڪڌو ڪم ڪيو آهي جيڪو عوام کي وڌ کان وڌ غريب ۽ ڪنگال بڻائڻ لاءِ ڪافي آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ ملڪ قرضن جي دٻڻ ۾ ڦاسي چڪو آهي، روز مرهه جون سموريون شيون عوام جي پهچ کان انتهائي پري ۽ مهانگيون ٿي ويون آهن، ايتري قدر جو زندگي بچائڻ وارين دوائن جون قيمتون ته سرڪار موجب هٿ سان مهانگيون ڪيون ويون آهن ته جيئن اهي مارڪيٽ ۾ موجود رهن، سرڪار جا قرض گذريل ٻن حڪومتن پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي ڀيٽ ۾ سو دفعا وڌي ويا آهن تنهن ڪري ملڪ ۾ نه ته ڪا خوشحالي نظر پئي اچي ۽ نه ئي وري ملڪ جي معيشت سڌي ترقيءَ جي رستي تي چڙهندي نظر اچي رهي آهي، ملڪ ۾ گذريل 70- سالن کان جيڪا شيءِ لاڳيتو ترقي ڪري رهي آهي، اها آهي غربت ۽ رڳو غربت.

دنيا ۾ غربت جي حوالي سان جيڪو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، بهتر ٿئي ها ته ان ڏينهن تي گڏيل قومن جو ادارو دنيا جي سمورن ملڪن کي پنهنجي پنهنجي ملڪ ۾ سياسي سڌارا ڪرڻ لاءِ زور ڀري ها ۽ پنهنجي پنهنجي ملڪ جون معيشتون ۽ پيداوار بهتر بنائڻ لاءِ اپاءَ وٺن، اسان ان خيال جا آهيون ته دنيا ۾ تيستائين غربت وڌندي رهندي جيستائين دنيا جي سياسي نظام کي معيشت جي تابع نه بڻايو ويندو، جيستائي دنيا ۾ معيشت سياست جي تابع هوندي تيستائين نه ته دنيا جي معيشتن ۾ ڪو سڌارو ايندو ۽ نه ئي دنيا جون معيشتون ترقيون ڪنديون ۽ نه ئي وري غربت جو خاتمو ايندو، ان ڏس ۾ اسان پاڪستان جي سياسي قيادتن لاءِ پڻ اها ڳالهه تجويز ڪنداسين ته مهرباني ڪري اوهان سياست ڀلي ڪريو، اقتدار به ماڻيو پر ملڪ جي معيشت ۾ اهڙي نموني سڌارا آڻيو جو اها عوام جي ڀلي ۾ ٿي پئي، اوهان پنهنجي سياست ۾ اهڙا سڌارا پئي ڪيا جيڪي رڳو ملڪ جي مالدار خطبق کي فائدو ڏيندا رهن پوءِ هن ملڪ ۾ رڳو مافيائون ئي جنم وٺنديون رهنديون ۽ عوامي اڳواڻ جنم وٺي نه سگهندا، غربت اڄ جي دنيا جي هڪ اهڙي حقيقت آهي جنهن کان منهن موڙڻ بجاءِ ان کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ غربت جو خاتمو فقط اهڙن سياسي سڌارن ۾ سمايل آهي جيڪي معيشت کي سگهارو ڪري عوام جي حوالي ڪري سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.