ڪراچي ۾ پيءُ نوجوان ڌيءُ کي ڪهي ڇڏيو، جوابدار گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي قائد آباد واري علائقي ۾  جوابدار  پيءُ غيرت جي نالي تي ڇرين جا وار ڪري پنهنجي ڌيءُ کي ڳلو ڪپي   قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.  مرغي خاني اسٽاپ ويجهو مدينا ٽائون سي ايريا ۾ واقع گهر نمبر 156 ۾ جوابدار مراد ڇرين جا وار ڪري پنهنجي 15 ورهين جي ڌيءَ  طوبيٰ کي ڪهي قتل ڪيو، واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي جناح اسپتال پهچايو جتان پوسٽ ماٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس ٻڌايو ڪارروائي ڪري جوابدار مراد وٽان واردات ۾ استعمال ڪيل ڇري هٿ ڪري ورتي آهي، جوابدار شروعاتي بيان ڏيندي چيو آهي ته سندس ڌيءَ طوبيٰ جا ڪنهن ڇوڪري سان لاڳا هئا ۽ فون تي ان سان ڳالهائيندي هئي، ڪجهه ڏينهن اڳ ان سان فرار ٿي وئي ۽ کيس واپس ڪيو جڏهن ته ان ساڳي ڇوڪري سان ٻيهر گهران ڀڄي وڃڻ جو پلان جوڙيو جنهن تي غيرت ۾ اچي کيس قتل ڪيو آهي، پوليس ٻڌايو ته جوابدار ڪجهه عرصو اڳ پنهنجي زال کي به قتل ڪيو  هو، واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.