منهنجي ڌرتيءَ تي راتاهو۔۔۔۔۔!

پرهه سومرو

منهنجي ڌرتي ڏاڍي مٺڙي آ!

منهنجي ڌرتي، امڙ جھڙي شفقت ڏيندڙ آ!

منهنجي ڌرتي سٻاجھڙي،سلڇڻي ۽ ڏاڍي نماڻي آ!

بنا ڪنهن مَت بيد جي سڀني کي آغوش ۾ پناھ ڏئي، ممتا جي آسيس بخشيندي آ۔

منهنجي ڌرتي ماتا پيار ۽ پاٻوھَ جو مثالي نمونو آ۔

منهنجي ڌرتي ماتا جي مٽيءَ ۾ به عجيب خوشبو ۽ احساس ڀريل آھي،هن مٽيءَ جي خمير مان جيڪو به جَنمي ٿو ان جو ناتَو هن ڌرتيءَ سان جُڙي وڃي ٿو۔

منهنجي ڌرتي جون زمينون سرسبز،زرخيز ۽ شاداب آھن،

هتي خوبصورت درياھ آھي جنهن ۾ ماروئڙن جو ساھ آھي جنهن سان انهن جو چاھُ آھي،هي موجن ۾ ۽ مستيءَ ۾ وھندو آ۔

درياھ جي ڇوليون ڌرتيءَ واسين کي اتساھ ڏينديون آھن!

ھيءَ ماءُ جتي پيار ڏئي ٿي،سِڪَ ڏي ٿي اتي ئي هڪ بيباڪ ماءُ جيان بهادري،همٿ،حوصلي،جذبي ۽ ڌرتيءَ سان جُڙي رھڻ جو درس به ڏي ٿي۔

 

گڏوگڏ هن خوشحال ڌرتيءَ کي بي پناھ ڏک،تڪليفون ۽ اذيتون به برداشت ڪرڻيون پيون آھن۔

ڪي ئي ڪانئر،دوکيباز،غدار،ابن غدار ڌرتيءَ تي ڪاهون ڪري سندس ٻچڙن جي واتَ جو گِرھ کَسَي پنهنجا ڀِڀَ ڀَريندي هِنَ ڌرتيءَ جي دِلير ٻَچڙن کي انگ اگھاڙين،پيٽ بُکي تي،بغير اَجھي جي دربدر ڪندا رهيا آھن۔

خوشحال،مالامال ڌرتيءَ تي سندن ئي ڌڻين کان سمورا حق ۽ سمورو مال وڏي گَھري ۽ ڳَٺ جوڙ سان سَٽيل سازشن،مَڪارين،چارلبازين سان کَسيو ويو آھي۔

ڪيترن ئي ڏهاڪن کان،لاڳيتو سازشن،گھيرائن،چالبازين،مَڪَرَ،ڪوڙ جا ڄار ڦھلائي عوام کي گمراھَ ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون آھن ۽ لاڳيتو انهن ڄارن سان منهن مقابل بڻجي مظلوم عوام،منظم عوامي طاقت، ٻڌيءَ ۽ مستقل مزاجي سان مھاڏو اٽڪائي پنهنجي مدد پاڻ تحت پنهنجو بچاءُ ڪندي آئي آھي جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري آھي۔

 

دشمن/مخالف ڌُر هميشه لڪل وار ڪيا آھن،هن پنهنجن انسان دشمنيءَ وارن بيڪار مقصدن ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ هر وقت ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان عوام جي حوصلا شِڪني ڪرڻ لاءِ يا جذبن کي ماٺو ڪرڻ لاءِ ڪي نه ڪي چالبازيون هلائيندي ڪيون آھن۔

ساڳي روايت کي کڻي هلندي دشمن ڌُر پنهنجين اٽڪلن کان نه مُڙي ۽ لڳ ڀڳ گذريل ڏيڍ مهيني کان سنڌ اندر سياسي ماٺار ۽ سانت خوف  واري ماحول ۾  سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ جي طرفان هلندڙ عوامي جدوجهد ماڻھن جي رڳن ۾ جوش جذبي جي رَتُ جي دوري کي حرڪت ۾ آڻي ڇڏيو،جنهن کان پوءِ چؤڦير افراتفري ۽ سياسي جوش،جذبي،ولولي ۽ عوام جي چھرن تي ڇانيل موسمي مايوسي ختم ٿيڻ کان پوءِ تازگي ڏسڻ ۾ آئي جيڪا يقينن خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جي ڳالهه آھي۔

ٻه ڏينهن اڳ جيڪا عوامي ريلي ٿي گذري اها ته تاريخ بڻجي وئي آھي،جنهن جو ذڪر ضرور ڪرڻ گُھرجي ۽ اکين ڏٺو احوال ڏيڻ واجب آھي. هن وقت سنڌ اندر سڀ کان سنجيدھ مسئلو ٻيٽن تي قبضن جو آھي جنهن خلاف احتجاج ٿين ٿا،ٻه ڏينهن اڳ وارو احتجاج به هڪ نرالو احتجاج هو،جنهن ۾ مقامي ماهيگير،ماهيگرن لاءِ ٺهيل تنظيمن جا اڳواڻ،سياسي سماجي ڌرين جا ڪارڪن،اڳواڻ ۽ صحافي شامل هئا. ريلي ماهيگير تنظيم پاران منعقد ڪيل هئي،ريلي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ صبح جي 10 وڳي جو سڏ هو جنهن لاءِ هدايت ڪئي وئي ته وقت تي جَيٽي وٽ پهچندڙ ئي ريلي ۾ هلي سگهندا پر خير ريلي لڳ ڀڳ 10:30 وڳي شروع ڪئي وئي۔

جيئن ئي چؤڦير نظر ڦيرائي ته رڳو رنگ ۽ رنگ هئا،خوشيءَ جا رنگ،جذبن جي تازگي ۽ پنهنجن ئي ٻيٽن تي هلي مالڪي جتائڻ جا رنگ ۽ مختلف تنظيمن جا رنگا رنگي جھنڊا تيز سامونڊي هوا ۾ لهرائيندو ڏسي اکين ۾ چمڪ محسوس ٿي۔

طئه ٿيل شيڊول مطابق ريلي ۾ شامل قافلو پهرين ڏنگهي ٻيٽ تي هلڻ جو هو پر جيئن ئي ڏنگهي ٻيٽ جي سامهون پهتاسين ته وڃڻ کان روڪيو ويو،سمورا هوڙا ڀنڊاڙ ٻيٽ طرف روانا ٿيا جنهن کان پوءِ شامل ساٿين ۾ سرٻاٽ پئجي ويا،پر ڪجهھ دير کان پوءِ ميزبانن جي آسري سڀ خاموشي سان اڳئين منزل طرف نهاريندا رهيا ايتري ۾ سامهون ڪي ٻيڙيون نظر آيون جنهن ۾ ورديءَ ۾ ويٺل سيڪيورٽي هٿيار اُڀا ڪيو هوڙن جي ويجهو اچي رهيا هئا ۽ ٻئي پاسي نظر ڦيرائي ڏٺو ته ٽن يا چئن هوڙن کي به ساڳيا ورديءَ ۾ ويٺل هٿياربند گهيرو ڪري چڪا هئا۔محسوس ايئن پئي ٿيو ڄڻ اسين ڪنهن ٻئي دشمن ملڪ جي حدن ۾ داخل ٿي ويا هجون ۽ اسان مان ڪو خطرو هجي۔

اسان وٽ به ھٿيار هئا پر اسان جا هٿيار به وري نرالا هئا،هٿن ۾ جھنڊا هئا،لبن تي نعرا هئا،اندر ۾ جوش ۽ ولولو هو جنهن کان اڳئين ڌر خائف هئي۔

وري جي ڀنڊاڙ وٽ مس ويجهو ٿياسين ته وري اعلان ٿيو ته هوڙا واپس ابراهيم حيدري ڏانهن موڙيا وڃن،سمجهھ ۾ نه پئي آيو ته آرگنائيزر ڪن ڇا پيا؟

ايڏي ماٺ جو احتجاجي ريلي ۾ شامل عوام کان  بنا صلاح جي اوچتا فيصلا ڪري واپسي جو چيو ويو تنهن صورتحال يقينن ڪيترين ئي ذھنن ۾ سوالن جا ڍير ڪري ڇڏيا جن جا جواب واپس جيٽيءِ تي پھچڻ کان پوءِ به نه مليا ۽ هر ڪوئي پنهنجن ماڳن ڏانهن واپس موٽي ويو۔

هتي اهم اڳواڻن کان سوال اهو ٿو ڪيو وڃي ته هيڏي وڏي معاملي تي هيڏي وڏي پرچار ٿيڻ کانپوءِ ماڻھن جو گڏ ٿيڻ جوش جذبي ۽ پنهنجي جان تريءَ تي رکي اوسيتائين پھچڻ جي جرئت کي ماٺ ميٺ ۾ ڇو ماريو ويو ۽ مقصد ڪهڙو نڪتو؟؟؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.