ٻيٽن تي ٿيل سنڌ واسين جو احتجاج ۽ زميني حقيقتون

نذير سومرو

خميس ڏينهن پندرهين آڪٽوبر ويهه ويهه واري ڏينهن فشر فوڪ فورم جي سڏ تي ٻيٽن تي وفاقي قبضي خلاف ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي پهچي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ ڏنل سڏ ۾ شريڪ ٿيڻ جو موقعو مليو.

شريڪ ساٿي هوڙهن تي سوار ٿي ٻيٽن ڏانهن وڌندا رهيا ايستائين جيسين سامونڊي فوج جي ٻيڙين پاران جارحاڻي طريقي سان رستي روڪ نه ڪئي ويئي. رائيفلن سان مسلح ٻيڙي سوارن جو رائيفلن کي پڪڙڻ جو انداز سمجهائي رهيو هو ته ڪجهه سيڪنڊن ۾ هو گهڻو ڪجهه ڪري سگهڻ جي لائق هئا. هوڙهن کي روڪڻ جي انداز اصل دل کي لوڏي ڇڏيو. ائين لڳو ڄڻ ٻاهرئين حمله آورن پاران ٻيٽن تي ايندڙن کي روڪيو پيو وڃي. اهڙو رويو ڏسي ساٿين ۾ اهو بحث شروع ٿيو ته هڪ آرڊيننس وسيلي ابد کان حصي ۾ آيل ڌرتي ڌڻين کان ڌرتي کسي ويئي آهي، سمنڊ کسيو ويو آهي ڌرتي ڌڻي ان تي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ چاهين ٿا ۽ هي پنهنجي رياستي طاقت جي ڏڍ تي انهن کي بندوقون پيا ڏيکارين ته پوءِ فاشزم ڇاکي چئبو آهي ۽ مفتوح علائقا ڪيئن ٿيندا آهن! ڇا ڪنهن جي ملڪيت تي قبضي آور ٿيندڙن سان اهڙو سلوڪ ڪيو ويندو آهي. سڀني ساٿين گڏجي هڪ راءِ ٿي چيو ته هي ته غلامي آهي!

احتجاج رڪارڊ ڪرائيندڙ سڀ ساٿي هٿين خالي هئا ڪنهن هڪ وٽ ڪو لڪڻ به ڪونه هو ۽ اهڙو ڪو نعرو به ڪونه لڳندڙ هو جنهن مان هن ملڪ کان بغاوت جي بوءِ ايندڙ هجي. ڪا ويڙهه جي تياري نظر ايندڙ هجي پر طاقت جي پنهنجي نفسيات ٿيندي آهي ان وٽ برداشت جي قوت ٻڙي برابر هجي ٿي.

ست هزار ورهين جي انساني تاريخ وڏي وات اها ڳالهه ڳالهائيندڙ آهي ته ڪرسي هميشه انصاف جي خلاف رهندي آئي آهي. وڏين قربانين کان پوءِ آيل انقلابن جي نتيجي ۾ وقت به وقت ملندڙ قليل عرصو ملائي ٽوٽل ڪجي ته به اهو سو سالن کان گهٽ عرصو ٿيندو جيڪو ست هزار ورهيه تاريخ ۾ اٽي ۾ لوڻ جي نسبت رکندڙ آهي. اهو عرصو ڪڍي باقي ڪرسي ۽ ظلم جو ناتو لازم مظلوم ملزوم رهندو آيو آهي. ڪرسي جي طاقت پاڻ مٿان ويهندڙ انساني ذهن کي پنهنجي جاءِ تي رهڻ ڪونه ڏيندي آهي. انساني ذهن وڦلندڙ هوندو آهي ۽ توازن برقرار رکي نه سگهندڙ بڻجي پوندو آهي. اهو بگڙيل توازن ٻئي انسان کي غلام بڻائي ذهني سڪون کي بحال ڪندڙ هوندو آهي. ڪرسي تي ويهڻ کان پوءِ انسان جي اندر ويٺل قوت جنهن کي اسان شيطان سڏيندا آهيون جاڳي پوندڙ هوندي آهي ۽ اها قوت جنهن کي اسان ايماني قوت سڏيندا آهيون اها دٻجي ويل هوندي آهي. اها يعني ايماني قوت وري تڏهن جاڳندي آهي جڏهن ڪرسي ناهي رهندي. پوءِ ان ساڳي انسان اندر انسانيت وري پنهنجي قوت بحال ڪندي انسان کي گهڻو ڪري انصاف جو حامي بنائيندڙ ٿي پوندي آهي. وڏن وڏن فلاسافرن سموري تاريخ ۽ ماقبل تاريخ کي ان خيال جي چوڌاري ڦرندڙ طور سمجهايو آهي.

بندوقن سان روڪڻ جي انداز کي ڏسي سڀ ساٿي بلڪل پرسڪون رهيا، ڪنهن هڪ پاران به ڪا اهڙي حرڪت نه ڪئي ويئي جنهن سان صورتحال پنهنجي هٿن مان نڪري وڃي. نظم و ضبط جو مظاهرو ڪندي نه وري ڪا اهڙي نعري بازي ڪئي ويئي جيڪو اسان جي ”قومي تاريخ“ ۾ هڪ معجزو هو. ماضيءَ ۾ اسان جي ”اهڙي تاريخ“ انتهائي غيرذميوار رهندي آئي آهي وڏو سچ اهو آهي ته اسان پنهنجي حقن لاءِ وڙهڻ سکيو ئي ڪونهي. هميشهه وقت کان اڳ ڳالهائيندا رهيا آهيون. اسان گهڻو ڪري غير سائنسي نعرا هڻي پنهنجو ڪيس خراب پئي ڪيو آهي. اسان جو اهڙو رويو جيڪڏهن دنيا ۾ ايندڙ انقلابن سان ڀيٽي ڏسبو ته پنهنجي هلچل ٻاراڻي ۽ کل ڏياريندڙ لڳندي. پنهنجي هٿن سان ملڪ ٺاهي ان مان ايئن هٿ ڪڍي ڇڏڻ ۽ پنهنجي قوم جي سياسي تربيت اهڙي ڪرڻ جيڪا رڳو کوکلن نعرن جي چوڌاري ڦري دنيا ۾ وڏو مثال قائم ڪرڻ برابر آهي..

بهرحال پرامن احتجاج کي طاقت جي زور تي روڪڻ وارو انداز ڏسي دوستن پاران انتهائي صبر و تحمل جو مظاهرو ڪندي ٻيٽن تي وڃڻ جو پروگرام ملتوي ڪيو ويو ۽ پنهنجي سڏ کي هوڙهن اندر ئي نعرن ۽ تقريرن تائين محدود ڪرڻ جو فيصلو ٿيو.

هوڙهن اندر اهو بحث به ٿيندو رهيو ته ڇا اسان گڏجي ڪو سگهارو آواز اٿاري نه ٿا سگهون. ٻن چئين ڏينهن کان پوءِ هر پارٽي الڳ الڳ سڏ ڏئي ٿي جيڪو پيغام ڪو سٺو ناهي. ڇا دنيا جون ڪامياب قومون اهڙن عملن ڪري ان جاءِ تي پهتيون آهن.!

ٻي ڳالهه جيڪا بحث هيٺ رهي ۽ سڀني دوستن ڳنڀير انداز سان ويچاري سان اها هئي ته جنهن پارٽيءَ کي ڪرسيءَ تائين پهچائيندڙ ڌرتي ڌڻين کان زمين کسي وئي آهي ان جو رويو انتهائي حد تائين دشمن رويو رهيو آهي جڏهن ته اسان جي اخبارن ۾ اسان جي ئي قانون ۽ آئين جي ڄاڻ رکندڙ دانشورن پاران اهڙا آرٽيڪل لکيا ويا آهن جنهن مطابق سنڌ اسمبلي قرارداد پاس ڪري ان آرڊيننس کي اتي جو اتي ئي غير موثر بڻائي سگهي ٿي ته پوءِ اهي اسان پاران پاليل نسل در نسل ڪرسيءَ تائين پهچندڙ خاموش ڇو آهن! سنڌ اسمبليءَ کي جتي ڌرتي ڌڻين کي اڪثريت به حاصل آهي اهو ڪم بنا دير جي ڪرڻ گهربو هو. اهڙو ٺهراءُ پاس ڪرائي بلوچستان اسيمبليءَ لاءِ مثال قائم ڪري اتان به اهڙو قراردار پاس ڪرائي سگهجي ٿو جيڪو اسان جي آواز کي وڌيڪ سگهارو بڻائيندو. ڇا اهي خاموش رهي وري ڪنهن ٻئي آرڊيننس لاءِ رستو جوڙي رهيا آهن جنهن لاءِ وفاق جو رويو ٻڌائي ٿو ته هو خطرناڪ حد تائين تيار آهي جنهن جو آخري نتيجو سڌي سنئين غلاميءَ تائين پهچي ساهه پٽيندو. خاص ڪري بلاول ڀٽو صاحب کي پنهنجي پارٽيءَ ۾ موجود نسل در نسل انسان دشمنن کي نيڪالي ڏيئي سڌو سنئون عوام سان رابطو ڪري پنهنجو آخري ”قلعو، يعني سنڌ“ صوبو هٿن مان نه وڃائڻ گهرجي.

ان احتجاج ۾ هڪ ڳالهه ٻي به ڏسڻ ۾ آئي ته اردو ميڊيا جنهن جو رويو بنگالين کان وٺي سنڌين تائين، بلوچن کان پٺاڻن تائين غير منصفاڻي رهندو آيو آهي ان پاران شريڪ ساٿين کان جيڪي سوال پڇيا ويا انهن جو فوڪس پيپلز پارٽيءَ جو وفاق سان شريڪ هجڻ ظاهر ڪندڙ هو ٻين لفظن ۾ اهو تاثر ڏيڻ مقصود هو ته وفاق هن ڪڌي ڪم ۾ اڪيلو ڪونهي سنڌ حڪومت ۽ حڪمران پارٽي ان ۾ برابر جي شريڪ آهي آخري مطلب طور اهو ته سنڌين کي سنڌ جي حڪمران پارٽيءَ مان جان ڇڏائڻ گهرجي.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.