ملڪي حالتن کي عالمي صورتحال سان ڳنڍي ڏسڻ گهرجي

زرار پيرزادو

¨ اسان هتان جي ملڪي، سياسي ۽ اقتداري معاملن کي عام طور تي عالمي صورتحال سان ڳنڍي ناهيون ڏسندا. ان ڪري گهڻن معاملن کي سمجهڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي.

¨ اسان کي اهو ته نظر اچي رهيو آهي ته مخالف ڌر جي جماعتن هاڻي عمران خان جي حڪومت خلاف روڊن تي نڪرڻ جو آخرڪار فيصلو ڪري ورتو آهي.

¨ اسان کي اهو به نظر اچي ٿو ته ڪجهه ڏينهن کان ملڪ اندر وري مذهبي انتها پسندي جا واقعا ٿيڻ لڳا آهن ۽ هاڻي هڙتالون به ٿيڻ لڳيون آهن پر ڇو اها خبر ناهي.

¨ اصل ۾ پاڪستان جي سياسي ۽ اقتداري معاملن جو تعلق سڌوسنئون آمريڪا سان رهيو آهي.آمريڪا ۾ جيڪا به پارٽي اقتدار ۾ ايندي آهي ان جي پاڪستان توڙي ان جي حڪومت سان مختلف پاليسي ٿيندي آهي.

¨ آمريڪا م هڪ حڪومت پاڪستان جي غير جمهوري طاقتن جي حمايت ڪندي آهي ته ٻي حڪومت وري جمهوري طاقتن کي اقتدار ۾ ڏسڻ چاهيندي آهي.

¨ آمريڪا ۾ ويجهڙ ٿيندڙ صدارتي چونڊن کانپوءِ آمريڪا جو پاڪستان ۽ ان جي حڪومت ڏانهن ڪهڙو رويو هوندو تنهن جو دارومدار اتي ٿيندڙ صدارتي چونڊن کانپوءِ جي نتيجن تي آهي.

¨ ملڪ ۾ وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي جي واقعن ۽ ٿيندڙ هڙتالن مان ممڪن آهي ته اهو پيغام پهچائڻ به هجي ته آمريڪا کي طالباني قسم جي  انتهاپسندن کان محفوظ رهڻ لاءِ هاڻي به پاڪستان جي سهڪار جي ضرورت آهي.

¨ ايئن آمريڪا ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن جي موقعي تي ممڪن آهي ته پاڪستان جي جمهوري جماعتن جو به رستي تي اچڻ جو مقصد پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ هجي. ته ”هم ڀي پڙي هين راهون ۾“… يعني اسانجيون خدمتون به اوهان کي آڇجن ٿيون، اسان جي به پارت اٿو وغيره وغيره.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته آمريڪا ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن سان ملڪ جون اقتداري ۽ سياسي حالتون به تبديل ٿيڻيون آهن تنهن ڪري سياسي حالتون وڏي پئماني تي چر پر ۾ اچي ويون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.