مهانگائي حڪومت جي وڏي دشمن..!

عارف نظامي

پاڪستان جي معيشت جيڪا گذريل ڪافي ڏهاڪن کان هڪ اوپن مارڪيٽ جي اصولن تحت ڪم ڪندي رهي آهي هاڻي ڄڻ ته هڪ ڪنٽرولڊ معيشت ۾ تبديل ٿيندي پئي وڃي. مارڪيٽ ۾ شين جو قيمتون مقابلي جي آڌار تي شين جي گهرج ۽ فراهميءَ جي اصول تحت وڌنديون آهن پر پاڪستان جي بدقسمتي آهي ته شين جون قيمتون مارڪيٽ اڪانوميءَ جي بنيادي اصولن کي ريٽي مارڪيٽ جي ملي طڳت سان طئه ڪيون وڃن ٿيون. مارڪيٽ ۾ جن شين جي مهانگي هجڻ جو امڪان هوندو آهي، انهن شين کي لڪائي ذخيرو ڪيو ويندو آهي ۽ بعد ۾ انهن کي مهانگو ڪري وڪرو ڪرڻ ۽ نفعو ڪمائڻ هاڻي پاڪستان ۾ معمول بڻجي ويو آهي.

وزيراعظم عمران خان اهڙي روش مان انتهائي تنگ آهي جنهن لاءِ هو مافيائن کي ذميوار قرار ڏئي ٿو. مارڪيٽ ۾ شين جي قيمتن کي هڪ حد تائين ته وڌائي سگهجي ٿو پر جڏهن مارڪيٽ ۾ شين جو پيداوري عمل ئي بند هُجي ته پوءِ اهڙِي صورت ۾ شين جي اگهن ۾ ضابطو ڪيئن ٿو آڻي سگهجي، پر جڏهن شين جي گهرج ئي پوري ڪرڻ مشڪل هُجي ته اهڙي صورت ۾ شين جون قيمتون ڪهڙي نموني مستحڪم ڪري سگهجن ٿيون. مون کي پنهنجي شاگرديءَ وارو دور ياد آهي جڏهن معاشري ۾ شين جي پيداوار گهٽ هوندي هُئي ۽ شين جي کپت گهڻي هوندي هُئي ته اهڙي صورت ۾ راشن بنديءَ جو نظام لاڳو ڪيو ويو هو جنهن تحت ماڻهن کي گيهه، اٽو، کنڊ ۽ ڪجهه ٻيون شيون مناسب مقدار ۽ ضرورت جي آڌار تي ملنديون هيون جڏهن شين جي پيداوار ۾ اضافو ٿيو ته راشن بنديءَ جو اهڙو نظام ختم ڪيو  ويو.

موجوده حالتن ۾ حڪومت جي اها ذميواري آهي ته جيڪڏهن ملڪ ۾ ضرورت جي شين جو مقدار گهٽ هُجي ته حڪومت فوري طور تي انهن جو جائزو وٺي، اهڙين شين کي ٻين ملڪن مان درآمد ڪري. پر خان صاحب جي دور ۾ شين جون قيمتون وڌنديون ئي رهن ٿيو ۽ شين جي کوٽ جي صورت ۾ پرڏيهه مان شيون درآمد ڪرڻ جو ته جهڙوڪر ڪو نظام ئي نه آهي، اهو ئي سبب آهي جو ملڪ جو عوام انتهائي مهانگائيءَ جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيو آهي . اهڙي صورت حال ۾ بجاءِ ان جي جو حڪومت ڪي اپاءَ وٺي، پر خانصاحب جي ٽائگر فورس نالي تنظيم جيڪا هاڻي آهستي آهسٽي هڪ سياسي تنظيم جي صورت اختيار ڪري رهي آهي، ان ملڪ ۾ مهانگائيءَ خلاف تحريڪ وٺڻ شروع ڪيو آهي.

وزير اعظم ان سلسلي ۾ ٽائيگر فورس جو اجلاس طلب ڪيو هو جڏهن ته اجلاس کان اڳ ئي هُن پنهنجي ٽائيگرز کي هدايت ڪئي هُئي ته هو ملڪ ۾ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺن. ٽائيگر فورس کي اهو اختيار آهي ته هو مهانگائيءَ خلاف ڪارروايون ڪندي شيون مهانگيون وڪڻدڙ دڪاندارن جي نشاندهي ڪندا جنهن جي بنياد تي گرفتاريون پڻ عمل ۾ اينديون، اهي سموريون ڪوشش رڳو ملڪ ۾ مهانگائي کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ ڪيون پيون وڃن، پر خبر نه آهي انهن جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو.، في الحال تي ٽائيگرز فورس پر امن نموني عدم تشدد واري طريقي سان ڪم ڪري رهيو آهي، پر تحريڪ انصاف جو جيڪو اظهار ان سلسلي ۾ ايندو رهيو آهي اهو انتهائي سخت آهي ۽ مخالف ڌر پاران پڻ ٽائيگر فورس جي اهڙي عمل تي سخت تنقيد ٿيندي رهي آهي، جيڪڏهن ٻنهي ڌرين ۾ مهانگائيءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ اهڙي ڪوشش تي ڪو ٽڪراءُ ٿي پيو ته صورتحال انتهائي ڳنڀير تي پوندي.ملڪ جي قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته ٽائيگر فورس کي ڪوبه قانوني ڪور حاصل نه آهي تنهنڪري معاملو جنهن جي لٺ ان جي مينهن جهڙو ئي ٿيندو، موجوده صورتحال ۾ ملڪ جي اسٽيڪ هولڊر عمران خان جي اهڙي حڪم تي عمل ته ڪري رهيا آهن، پر ان جا نتيجا ڪنهن به طور تي درست نه نڪرندا.

ڪيترن ئي واپارين جو چوڻ آهي ته ٽائيگر فورس جي اهڙن اپائن سان ملڪ جي معيشت تي ناڪاري اثر پوندا، اهڙين ڪاررواين بعد جيڪي شيون مارڪيٽ ۾ مهانگيون ملي رهيون آهن، بعد ۾ اهي به گم ڪيون وينديون. ڪجهه عرصي کان مخالف ڌر پڻ ٽائيگر فورس جي ڪاررواين تي سخت تنقيد ڪري رهي آهي، پيپلزپارٽيءَ جي سينيٽر شيري رحمان جو چوڻ آهي ته ڪابينه جي وزيرن جو ڪم ٽائيگر فورس کان ورتو پيو وڃي. مهانگائي ته ضابطو آڻڻ ڪابينه ۽ وزيرن جو ڪم آهي ٽائيگر فورس جو نه، ٽائيگر فورس کي ڪهڙي قانون تحت ملڪ ۾ مهانگائيءَ تي ضابطو آڻڻ لاءِ اختيار ڏنا ويا آهن. سندس چوڻ آهي ته ٽائيگر فورس کي مهانگائيءَ تي ضابطو آڻڻ لاءِ هدايتون جاري ڪرڻ جو مقصد ڪابينه کي چارج شيٽ ڏيڻ آهي.ٻئي طرف حڪومتي ميمبر صداقت عباسيءَ جو چوڻ آهي ته ٽائيگر فورس مهانگائي ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ حڪومت جون اکيون ۽ ڪن بڻجندو.

حڪومت جي خلاف احتجاج بعد مهانگائيءَ ۾ ويتر واڌا ايندي پئي وڃي عام مارڪيٽ ۾ اٽو 80- روپيه، کنڊ 110، ٽماٽو 150، ادرڪ 680 روپيه، ٿوم 350، پٽاٽا 90، ۽ چڪن 260 روپيه ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿي رهيو آهي، اهڙي صورتحال حڪومت جي ناقص ڪارڪردگيءَ جي واضع طور تي نشاندهي ڪري رهي آهي. جڏهن ته صورتحال جي سنگينيءَ کي نظر ۾ رکندي حڪومت ٽماٽا، بصر ۽ ادرڪ جهڙين شين کي فوري طور تي پرڏيهه مان درآمد ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن، جنهن مان لڳي ٿو ته ملڪ ۾ مهانگائي ۽ خراب حڪومتي ڪارڪردگيءَ خلاف مخالف تحريڪ جي سبب حڪومت گهرائجي وئي آهي. رياست جي اقتصادي منصوبن بنديءَ تحت گهرج ۽ رسد کي ستحڪم بنائڻ متعلق ڪنهن نظام جو نه هجڻ حڪومت جي انتهائي نالائقي ۽ ناخلفي آهي، جڏهن ته حڪومت رڳو نالي ماتر اهڙيون ڪوششون ڪري رهي آهي جيڪي به ڪامياب ٿيندي نظر نه پيو اچن.

ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد جو چوڻ درست آهي ته، ” مهانگائيءَ جي معاملي تي پاڪستاني عوام جو وزيراعظم سان اختلاف ٿي پيو آهي، ماڻهو وزيراعظم کان نفرت نه ٿا ڪن پر مهانگائيءَ ڪري هو حڪومت ۽ وازيراعظم کان بيزار ضرور آهن، جيڪڏهن هلندڙ سال به مهانگائيءَ تي ضابطو نه آندو ويو ته اختلاف ويتر شديد ٿي سگهي ٿو“.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.